اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليمينٽريز جي جنرل سيڪريٽري اڳوڻي سينيٽر فرحت الله بابت چيو آهي ته مهمند ڊيم جي تعمير جو ٺيڪو ڊيسڪون پاڪستان کي ڏنو ويو آهي جيڪا وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار جي ڪمپني آهي ٺيڪو ڏيڻ نهايت غير اخلاقي آهي هي هڪ وڏي اسڪينڊل جي شروعات آهي جنهن جي شفاف نموني سان جاچ ٿيڻ گهرجي هڪ بيان ۾ سينيٽر فرحت الله بابت چيو ته پارٽي ٻن ڏينهن تائين انتظار ڪيو ته حڪومت پاران ڪا قدر جوڳي وضاحت ايندي پر جڏهن حڪومت وضاحت ڏني ته ان سان ڪيترائي سوال آڏو آيا ۽ حڪومت پاران ڪنهن معقول وضاحت نه اچڻ کان پوءِ پارٽي مطالبو ڪري ٿي ته هن ٺيڪي جي شفاف جاچ ڪرئي وڃي ۽ جيستائين جاچ جاري رهندي آهي واپار جي وزير کي پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيڻ گهرجي فرحت الله بابت سوال ڪيو ته ڇا اهو درست آهي ته ٻين واڪ ڏيندڙن جا واڪ ٽيڪنيڪل بنيادن تي رد ڪري ڊيسڪون لاءِميدان خالي ڇڏيو ويو هن پڇا ڪئي ته ڇا ضروري نه آهي ته ٻيا واڪ ڏيندڙ نااهل ٿي ويا ته نون واڪن لاءِ ٻيهر نئين سر اعلان ڪيو وڃي ها هن چيو ته ڇا اها ڳالهه درست آهي ته ڊيسڪون پنهنجو واڪ عام چونڊن کان پوءِ جمع ڪرايو هن اها به پڇا ڪئي ته ٻين واڪ ڏيندڙن جي نااهلي جي ڪيتري عرصي کان پوءِ ڊيسڪون جو واڪ کوليو ويو هو هن اهو سوال به ڪيو ته ڇا اها ڳالهه درست آهي ته پيپرا رولز ان جي اجازت نٿا ڏين ته صرف هڪ واحد واڪ کي قبول ڪيو وڃي ان شرط کي نطراندز ڪرڻ لاءِ ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو ويو هي وضاحت جي ڊيسڪون ان جوائنٽ وينچر ۾ صرف 30 سيڪڙو جو حصيدار آهي نهايت کل جوڳو آهي ۽ هي معاملي کي لڪائڻ جي مجرماڻي ڪوشش آهي.