نيويارڪ( م ڊ ) اتر ڪوريا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ذهني طور ان فٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪو ٻيو نه پر ڊونلڊ ٽرمپ آپگهاتي مشن تي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي 72 هين اجلاس کي خطاب ڪندي اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزير ري يونگ هو دعويٰ ڪئي ته اتر ڪوريا هڪ ذميوار رياست آهي ۽ پنهنجي ائٽمي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ جو خواهشمند ناهي. هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ذهني طور فٽ ناهي هو طاقت جي نشي ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا سبب ئي اتر ڪوريا کي ائٽمي هٿيار ٺاهڻا پئجي رهيا آهن. اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزير دعويٰ ڪئي ته اتر ڪوريا پنهنجي ائٽمي هٿيارن جي پروگرام کي جلد آخري شڪل ڏيڻ وارو آهي، آمريڪا اتر ڪوريا ۽ سندسن اتحادين تي پابنديون لاڳو ڪيون پر مٿس ڪو به فرق نه ٿو پوي اها سوچ نهايت احمقاڻي آهي ته پابندين سان اتر ڪوريا جي مشن کي روڪي سگهجي ٿو. هوڏانهن آمريڪي جنگي جهازن اتر ڪوريا جي سرحد ويجهو سمنڊ ۾ اڏامون ڪيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪي جنگي جهازن اتر ڪوريا جي سرحد ويجهو سمنڊ ۾ اڏامون ڪيون آهن. پينٽاگون طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جنگي جهازن اڏامون ڏکڻ ڪوريا ۽ اتر ڪوريا جي سرحد سان لاڳاپيل علائقي ۾ سمنڊ تي ڪيون آهن جنهن جو مقصد واضح ڪرڻ آهي ته آمريڪا ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. ترجمان موجب اتر ڪوريا کي واضح پيغام ڏيڻ چاهين ٿا ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ وٽ ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف فوجي آپشن موجود آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪا پنهنجي ۽ پنهنجي اتحادين جي دفاع لاءِ سمورين فوجي صلاحيتن سان مڪمل طور تيار آهي.