ڊونر ايجنسين جي سهڪار سان خوراڪ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون؛وڏو وزير

ڪراچي(هه آ)  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) ۽ ٻين ڊونر ايجنسين جي سهڪار سان خوراڪ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهي آهي. هن اها ڳالهه اڄ ورلڊ فوڊ پروگرام جي پاڪستان ۾ مقرر ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊيوڊ ايم بيسلي جي اڳواڻي ۾ آيل فد سان ملاقات دوران ڪئي. وفد جي ميمبرن ۾ ڊيوڊ ڪاروڊ، ريجنل ڊائريڪٽر بينڪاڪ فنبار ڪوران، ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪيٿرين گهوس، ڊپٽي ڪنٽري ڊائريڪٽر، ايم اين اي ماروي ميمڻ، ايڊيشنل ڊي جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام فيڊرل حڪومت نويد اڪبر شامل هئا، جڏهن ته وڏي وزير جي معاونت رٿابندي ۽ ترقيءَ وارو وزير سعيد غني، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم ۽ پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت ڪئي. وڏي وزير چيو ته ڊبليو ايف پيءَ خوراڪ جي فراهمي ۽ سنڌ جي ترقيءَ ۽ لاڳاپيل سرڪاري کاتن سان گڏ قريبي تعاون جي حوالي سان هڪ ڊگهي تاريخ آهي. گڏيل قومن (يو اين) ايجنسين ۽ مقامي ۽ بين الاقوامي اين جي او پارٽنرن صوبي ۾ فوڊ سڪيورٽي ۽ انساني گهرجن جي حوالي سان ايمرجنسيءَ دوران سٺو رسپونس ڏنو آهي. هن چيو ته 2010ع، 2011ع ۽ 2012ع ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ دوران ماڻهن جي زندگي بحال ڪرڻ لاءِ مدد ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته سندس جنوري 2016ع کان شروع ڪيل ٽن سالن واري آپريشن ۾ ڊبليو ايف پيءَ فوڊ اسسٽنٽ فار ايسٽس، خوراڪ، ڊزاسٽرز رسڪ مئنيجمنٽ سان گڏوگڏ صوبي ۾ ڪيپسٽي ڊولپمينٽ اينڊ آگمينشن (سي ڊي اينڊ اي) جي حوالي سان به سهڪار ڪيو آهي. 2013ع کان ڊبليو ايف پي ڪميونٽي بيسڊ مئنيجمنٽ آف اِڪيوٽ ميلنيوٽريشن (سي ايم اي اين)، بلينڪيٽ سپليمينٽري فيڊنگ اينڊ اسٽنٽنگ پريوينشن تحت خوراڪ جي فراهميءَ واري پروگرامن تي به عملدرآمد ڪيو ويو آهي. خطي ۾ ڊزاسٽرز رسڪ مئنيجمينٽ (ڊي آر ايم) ڪيپسٽي آگمينشن سرگرمين تي به عملدرآمد ڪيو ويو آهي. 2015ع ۾ ڊبليو ايف پيءَ سنڌ ۾ 508120 بينيفشريز سان گڏ 6.1 ملين ڊالر روڪ ۽ 3670 ٽن خوراڪ جي صورت ۾ تعاون ڪيو. چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم اجلاس کي صوبي ۾ ڊبليو ايف پي پاران شروع ڪيل پروگرامن بابت بريفنگ ڏني. پروگرام جا تفصيل هن ريت آهن، ڊبليو ايف پيءَ سنڌ حڪومت کي اسڪيلنگ اپ نيوٽريشن (ايس يو اين) مومينٽ لاءِ ٽيڪنيڪل سهڪار فراهم ڪيو، پرووينشل ايس يو اين سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ته جيئن انٽر-سيڪٽورل ڪوآرڊينيشن ۽ پاليسي الائيمينٽ ۾ سهولت حاصل ٿي سگهي. ان مقصد لاءِ ڊبليو ايف پيءَ انساني وسيلن ۽ آپريشنل سپورٽ پي اينڊ ڊي کاتي کي فراهم ڪئي. اسٽنٽنگ پريوينشن پروگرام هن وقت ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ عملدرآمد ٿي رهيو آهي، پروگرام تحت ٻارن جي زندگيءَ جي پهرين هزار ڏينهن کي هدف بڻايو ويو آهي. وڏي وزير ايس يو اين ۽ اسٽنٽنگ پريوينشن پروگرام جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. خوراڪ کي کوٽ کي 19.6 سيڪڙو وڌايو ويو آهي جڏهن ته اسٽنٽنگ جي ڪيسن تي به ضابطو آندو ويو آهي جيڪو رڳو ٺٽي ضلعي ۾ 8 سيڪڙو آهي ۽ سجاول ضلعي جي پروگريس رپورٽ به جمع ڪئي وئي آهي. ڪميونٽي بيسٽ مئنيجمنيٽ آف اڪيوٽ ميلنيوٽريشن (سي ايم اي ايم) جي ذريعي ڊبليو ايف پيءَ خوراڪ جي حوالي سان غيرمحفوظ چئن ضلعن ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ڄامشوري تي ڌيان ڏنو آهي. نيوٽريشن: جنوريءَ کان سيپٽمبر 2016ع ايم اي ايم ٻارن جي علاج جي شرح 98.94 سيڪڙو هئي جڏهن ته حامله ۽ کير پياريندڙ عورتن جي شرح 95.19 سيڪڙو هئي. سي ايم اي اي ذريعي 2153 ٽن خوراڪ ورهائي وئي ۽ اسٽنٽنگ پروينشن بينيفشريز کي 1061 ميٽرڪ ٽن فراهم ڪئي وئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پرووينشل ڊزاسٽرز مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ سنڌ ۾ قدرتي آفتن دوران بهتر ريت ڪم ڪري رهي آهي پر انهن جي لاڳاپيل اسٽاف ميمبر کي خاص سکيا جي ضرورت آهي ته جيئن انهن جي ڪارڪردگيءَ کي وڌائي سگهجي ۽ پي ڊي ايم اي هنگامي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتر ريت منهن ڏئي سگهي. ان تي ڊبليو ايف پي ۽ سنڌ حڪومت پي ڊي ايم اي سنڌ جي صلاحيتن ۾ واڌ ۽ ٻي ضروري سهڪار لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *