ڊوميسائيل ڪميٽي طرفان لاڙڪاڻي ۾ ٻن ڏينهن تائين جاچ بعد 103 ڊوميسائيلز حتمي طور شڪي قرار

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيلز جي جاچ لاءِ جُڙيل حڪومتي ڪميٽي اسڪيندل جي حوالي سان شروعاتي طور 4 سفارشون طئه ڪري ورتيون، ڪميٽي سربراهه قاضي شاهد پرويز چيو آهي ته جعلي ڊوميسائيل رد ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ضلعي انتظاميا کي سفارش ڪئي ويندي، ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي، جعلي ڊوميسائيل رکندڙ جي سرڪاري نوڪري ۽ داخلائون ختم ڪرڻ جي به سفارش ڪئي ويندي، شهريت قانون ۾ خامين ۽ اُن مان غلط فائدو وٺڻ واري روايت ختم ڪرڻ لاءِ به تجويزون ڏنيون وينديون، قاضي شاهد پرويز نادرا جي تصديق واري طريقيڪار تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته کين مقامي سطح تي ڊوميسائيل جاري ڪندڙ اختيارين جي حوالي سان جاچ جو مينڊيٽ مليل آهي، جڏهن ته ڊوميسائيل ڪميٽي لاڙڪاڻي ۾ ٻن ڏينهن تائين جاچ بعد 103 ڊوميسائيلز کي حتمي طور شڪي قرار ڏئي ڇڏيو، ڪميٽي ميمبرز طرفان ڇنڊ ڇاڻ بعد 41 ۽ شهرين طرفان 62 ڊوميسائيلز کي شڪي قرار، حڪومتي ڪميٽي جي سربراهه قاضي شاهد پرويز چيو آهي ته ڪمشنر لاڙڪاڻو شڪي ڊوميسائيلز جي جاچ ڪري سومر تي رپورٽ پيش ڪندو، لاڙڪاڻي کانپوءِ ڪشمور، گهوٽڪي، نوشهروفيروز ۽ ڄامشورو ۾ به جعلي ڊوميسائيلز اسڪيندل جي جاچ ڪئي ويندي، ڪراچي جي هڪ ضلعي ۾ به جعلي ڊوميسائيلز جون شڪايتون ملڻ جي تصديق، قاضي شاهد پرويز چيو آهي ته هو سمجهي ٿو ته سمورن ضلعن ۾ جعلي ڊوميسائيلز جي جاچ ٿيڻ گهرجي پر اُن لاءِ هڪ هفتي جو وقت تمام ٿورو آهي، ٿوري عرصي ۾ 5 کان 6 ضلعن اندر جاچ ڪري سگهجي ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *