ڊسمبر 2024 ۾ امريڪا ۾ بيروزگاري جي شرح گھٽجي  4 ڏهائي هڪ سيڪڙو جي گھٽ ترين سطح تي آئي آهي : جوبائيڊن

امريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي اقتدار جي دور ۾ امريڪي معيشيت بابت بيان ڏيندي چيو آهي ته ڊسمبر 2024 ۾ امريڪا ۾ بيروزگاري جي شرح گھٽجي  4 ڏهائي هڪ سيڪڙو جي گھٽ ترين سطح تي آئي آهي.

صدر جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته سندس دور ۾ 16 ڏهائي 6 ملين نئين روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ هڪ وڏو رڪارڊ آهي.

سندس چوڻ هو ته 4 سال جي حڪومت م ڪرونا تي قابو ڪري حڪومت نه صرف روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪيا پر هيلٿ سيڪٽر ۾ به نمايان ڪم ڪيو جنهن سان امريڪين جا 160 ارب ڊالر بچندا.

امريڪي صدر جو بائيڊن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ ۾ توانائي جي پيدوار امريڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *