ڊسمبر عمران خان تي ڳرو، حڪومت جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي: مولانا فضل رحمان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل رحمان چيو آهي ته گڏيل اپوزيشن جي اتحاد ۽ گڏيل جدوجهد حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو آهي، پارليامينٽ ۾ ڪنهن به ترميم ۽ قانونسازي ۽ نيون چونڊيون موجوده وزيراعظم جي وڃڻ کانپوءِ ٿي سگهنديون، هو جميعت علماءِ اسلام جي مرڪزي اڳواڻ حافظ حسين احمد سان سندس رهائشگاهه تي جماعتي معاملن تي صلاح مشوري کانپوءِ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو، ان موقعي تي مولانا عبدالواسع، سيد محمود شاهه، مولانا انوار الحق، حافظ رشيد احمد، زبير احمد ۽ ٻيا به موجود هئا، مولانا فضل رحمان وڌيڪ چيو ته گڏيل اپوزيشن نين چونڊن جي مطالبي تي رڪ جي ديوار بڻجي چڪي آهي ۽ مخالف ڌر جي پارٽين جي سربراهن جي گڏيل صلاح مشورا شروع ڪيا ويا آهن، هن چيو ته ڊسمبر جو مهينو عمران نيازي تي ڳرو ٿيندو ۽ آزادي مارچ کانپوءِ حڪومت جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي، هن چيو ته گڏيل اپوزِيشن پارليامينٽ گڏيل حڪمت عملي ۽ آزادي مارچ جي وڌيڪ ثمرن جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙيندي. 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *