راولپنڊي (م ڊ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪور هيڊ ڪوارٽرز پشاور جو دورو ڪيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي پاڪ افغان سرحدي صورتحال، جاري ۽ مستقبل جي آپريشنز تي بريفنگ ڏني وئي، آرمي چيف کي ٽي ڊي پيز جي واپسي ۽ ترقياتي ڪمن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته افغانستان کي پنهنجو برادر پاڙيسري سمجهندا آهيون، دهشتگرد پاڪستان ۽ افغانستان جا گڏيل دشمن آهن، بنا جواز جهيڙن، الزام تراشي بدران خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مربوط ردعمل جي ضرورت آهي، آرمي چيف چيو ته ڊرون حملن جهڙي هڪ طرفي ڪاررواين جا منفي اثر ٿيندا آهن، پاڪ فوج تصديق ٿيل اطلاعن تي پاڻ موثر قدم کڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي، الزام تراشي بدران اعتماد تي ٻڌل قدم کڻڻ گهرجن.