ڊاڪٽر ۾ جيترو خدمت جو جذبو هوندو سندس هٿ ۾ اوتري شفاءَ هوندي: صدر عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر عارف علوي چيو آهي ته ڊاڪٽر ۾ جيترو خدمت جو جذبو هوندو سندس هٿ ۾ اوترو ئي شفاء هوندي ڊاڪٽر کي علاج سان گڏ بيمارين کان بچاءُ لاءِ شعور به پيد اڪرڻ گهرجي اسان کي بيمارين کان بچاءُ  جي حفاظتي ڏسن تي زور ڏيڻو پوندو صدر راول انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ سائنسز جي ڪانوڪيشن کي خطاب ڪندي چيو ته حلف کڻڻ کان پوءِ پنهنجي ذميوارين جو احساس هئڻگ هرجي صدر چيو ته طب جو شعبو انساني خدمت جو لازوال مثال آهي صدر چيو ته علم هڪ قيمتي شئي آهي جيڪا خوشقسمت ماڻهن کي ملي ٿي صدر چيو ته علم حاصل ڪندڙ ۽ بي علم هڪ جهڙا نٿا ٿي سگهن صدر چيو ته قرآن پاڪ ۾ به علم حاصل ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي صدر چيو ته علم جو فائدو مستقبل جي عملي زندگي ۾ ٿيندو آهي صدر چيو ته علم جو بهترين استعمال ٻين کي سيکارڻ ۽ نيڪي پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرن ۾ جيترو خدمت جو جذبو هوندو اوتري سندس هٿ ۾ شفا هوندي صدر چيو ته ڊاڪٽر انساني تڪليف گهٽائي ٿو جنهن جو وڏو اجر آهي هن چيو ته طب جي شعبي ۾ مهارت جي نهايت اهميت آهي صدر چيو ته طب جو شعبو رڳو ڪمائي جو ذريعو نه آهي پر ان جو مقصد معاشري جي تڪيلف گهٽائڻ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *