ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جناح پوسٽ گريجويٽ اسپتال جي ٻن ايسوسيئٽ پوفيسرن ڊاڪٽر نازش بٽ ۽ ڊاڪٽر ارم بخاري کي هٽائڻ وارو حڪم معطل ڪري ڇڏيو، عدالت سنڌ حڪومت ۽ ٻين کان 5 ڊسمبر تي جواب به طلب ڪري ورتو، درخواست جي وڪيل چيو ته ٻئي ڊاڪٽرياڻيون 2023 کان جناح اسپتال ۾ ايسوسي ايٽ پروفيسر گيسٽرو لوجي ۽ نيور سرجري طور مقرر هيون، صحت کاتي پاران من پسنڌ ماڻهن جي مقرري تي درخواستگذارن اعتراض ڪيو هو جنهن تي انڪوائري ڪميٽي جوڙي درخواستگذارن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي.