ڊاڪٽر فاروق ستار جو نئين صوبي جو نعرو سنڌ ۾ رهندڙن وچ ۾ نفرتون پيدا ڪرڻ جي سازش آهي : نثار احمد کهڙو

ڪراچي(پ ر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ڊاڪٽر فاروق ستار جو نئين صوبي جو نعرو سنڌ ۾ رهندڙن وچ ۾ نفرتون پيدا ڪرڻ جي سازش آهي، فاروق ستار عوام کي ٻڌائي ته هو نئين صوبي جو نعرو به ڪنهن جي دٻاءَ ۾ اچي هڻي رهيو آهي. سنڌ ۾ نئين صوبي جو خواب ڏسندڙن جو اهو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، سنڌ هڪ آهي ۽سدائين هڪ رهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن سنڌ اسمبليءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته نئين صوبي جون ڳالهيون تعصب پرست سوچ جي عڪاسي آهن پرسنڌ جي عوام جو هڪ ئي آواز آهي ته مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسيون.نثار کهڙو چيو ته نئين صوبي جو نعرو هڻندڙ عوام کي بي وقوف نه ٿا بڻائي سگهن ان ڪري هو اهڙيون ڳالهيون ڪري عوام کي بي وقوف بڻائڻ بند ڪن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پي ايس پي جو اتحاد ڪنهن جي دٻاءَ جو نتيجو آهي ته پوءِ ڊاڪٽر فاروق ستار وضاحت ڪري ته هن تي ڪنهن جو دٻاءُ آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر فاروق ستار عوام آڏو اهو پڻ واضع ڪري ته هو نئين صوبي جو نعرو به ڪنهن جي دٻاءَ تي هڻي رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ٻئي جماعتون ڪنهن جي حڪم تي سياست ڪري رهيون آهن ته ڪراچيءَ جو عوام سندن ڊارمي ۾ نه اچي. نثار کهڙو چيو ته ادارا جيڪڏهن سياست ۾ ملوث ٿي رهيا آهن ته هو به ان جي وضاحت ڪن ۽ ادارن کي گهرجي ته هو آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *