ڊاڪٽر عاصم کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ، نه موٽڻ جي صورت ۾ ضياءُ الدين اسپتال تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم
April 16, 2017 at 7:30 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جي علاج بابت ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم جو نالو اِي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم رد ڪندي 2 هفتن جي لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم ٻه هفتن ۾ واپس نه آيو ته ضياءُ الدين اسپتال سرڪاري تحويل ۾ ورتي ويندي. عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم خلاف دهشتگردن جي علاج بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم،سليم شهزاد،عثمان معظم.انيس قائم خاني ۽ عبدالقادر پٽيل پيش ٿيا . ٻڌڻيءَ دوران ڊاڪٽر عاصم عدالت کان گھر ڪئي ته سندس اسپتال گروي رکي وڃي پر کيس علاج جي لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين جي درخواست منظور ڪندي سندس نالو اِي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو، عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين کي 20 لک رپيا جمع ڪرائڻ جي صورت ۾ 2 هفتن جي لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي پاسپورٽ جي واپسيءَ جي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري.جڏهن ته عدالت سليم شهزادکي ڪيس جون ڪاپيون ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي فردجرم لاڳو ڪيو ويندو .عدالت عٽمان معظم کي به پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.ڊاڪٽر عاصم کي اجازت ڏيڻ بابت لکت ۾ به فيصلو جاري ٿيو. رينجرز جي وڪيل ساجد محبوب اعتراض ڪيو. سرڪاري وڪيل ڪو به اعتراض ظاهر نه ڪيو. احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم جي خلاف 462 ارب ڪرپشن ڪيس ۾ جج نه هئڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي، پوليس جي بڪتر بند گاڏي تي ڊاڪٽر عاصم عدالت آيو.ڊاڪٽر عاصم خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي، ڪرپشن ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم ضمانت تي آزاد آهي. ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم جو چوڻ هو ته هُو سياست ۾ سرگرم ناهي ۽ هو سياست ۾ رهڻ به نٿو چاهي، سياست ڇڏڻ چاهي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته پاناما جو فيصلو اچڻ ڏکيو آهي، اسان پاڪستاني آهيون ۽ عدالتن کان انصاف وٺنداسين.3303