ڪراچي( م ڊ ) پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر ڊاڪٽر عاصم پارٽي عهدي تي ڪم ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر عاصم پ پ جي چيئرمين آصف علي زرداريءَ سان رابطو ڪيو ۽ پارٽي جي عهدي تي ڪم ڪرڻ کان معذرت ڪئي. ڊاڪٽر عاصم موقف اختيار ڪيو ته هو پرڏيهه ۾ سرجري سبب عهدي تي ڪم جاري نه ٿو رکي سگهي پر پارٽيءَ ۾ ڪارڪن طور ڪم ڪندو رهندو. ٻئي طرف ڊاڪٽر عاصم جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي عدالتي حڪم کانپوءِ سندس وڪيل گهرو وزارت کي خط لکيو آهي جنهن ۾ سندس نالو ڪڍڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم کي علاج لاءِ 21 نومبر تي برطانيا وڃڻو آهي تنهن ڪري سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي.