ڪراچي(م ڊ) وفاقي گهرو وزارت ڊاڪٽر عاصم جي پرڏيهه وڃڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان وفاقي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سفارش ۽ نيب جي درخواست تي پيٽروليم جي اڳوڻي صلاحڪار جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو ۽ هاڻي هو بيماري جو بهانو بڻائي ملڪ مان فرار ٿيڻ چاهي ٿو. رپورٽ مطابق وفاقي گهرو وزارت پي پي اڳواڻ ۽ پئٽروليم واري اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر عاصم حسين جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم تي سنگين الزام آهن، ان کان علاوه سندس شريڪ ملزمن تي به ڪرپشن جا ۲ ريفرنس داخل ٿي چڪا آهن جن تي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. جواب ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته سنڌ جي اعليٰ عدالت به ڊاڪٽر عاصم کي ان شرط تي ضمانت ڏني هئي ته هو ملڪ کان ٻاهر نه ويندو پر هاڻي هو بيماري جو بهانو بڻائي ملڪ مان فرار ٿيڻ چاهي ٿو، ان ڪري سندس نالو اي سي ايل مان خارج نٿو ڪري سگهجي، عدالت به ڊاڪٽر عاصم جي درخواست رد ڪري.