اسلام آباد (بيورو): اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته 24 ڏينهن بعد ميڊيا جي سامهون آيو آهيان، پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري نثار چيو ته هنن ڏينهن ۾ مون ڪو بيان ناهي ڏنو، ڪا خبر ليڪ ناهي ڪئي، 24 ڏينهن بعد ڪجهه نه ڪجهه وضاحت ڪرڻي هئي، سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس بعد ڪيتريون ئي ڳالهيون سامهون آيون، هن چيو ته بند ڪمري جي ملاقاتن ۾ منهنجي تقرير جي باري ۾ ڪو ڳالهه ڪري ته تصديق ڪري وٺو، ڪابينا ۾ شامل نه هئڻ جو سبب اوهان جي سامهون آهي، مون ڪڏهن پنهنجي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريف ناهي ڪيو، ڪيترين شين جو چوڻ کانسواءِ ذڪر ضرور ڪيو، ڪيترن ماڻهن کي گهرو وزارت جي پاور جو اندازو ناهي، گهرو وزارت وٽ ڪا ايگزيڪيوٽو اٿارٽي ناهي، سوا چار سالن ۾ گهرو وزارت جو ڪم ٿيو، اهو رڪارڊ سامهون رکندس، ڪڏهن پنهنجي منهن ميان مٺو ناهيان بڻيو، قانون نافذ ڪرڻ مڪمل طور تي صوبائي حڪومت جي ذميداري آهي، سٺو ڪم ٿئي ته ان جو ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ سڀ اچي ويندا آهن، چوڌري نثار چيو ته اسلام آباد ۾ هڪ شخص آيو، ان جي ذميداري به مون تي وڌي وئي، جڏهن به ڪو واقعو ٿيو گهرو وزارت تي ذميداري وڌي وئي، صوبن ۾ جڏهن به امن امان جو مسئلو ٿيو ته ذميداري مون تي وڌي وئي، سٺو ڪم ٿيو ته ان جو ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ سڀ ماڻهو تيار هندا آهن، هن چيو ته باشعور ماڻهن کي گهرو وزارت جي اختيارن جو علم ناهي، مون تي تنقيد ڪندا رهيا، ننڍيون وڏيون غلط فهميون دور ڪرڻ چاهيان ٿو، مان وزيراعظم وٽ ويس ۽ چيو ته سينٽرل انٽرنل سڪيورٽي جو اعلان ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته سياسي جماعتن ۾ پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، اي اين پي ڳالهين لاءِ تيار هيون، طالبان سان ڳالهين ۾ جنرل ڪياني ۽ جنرل ظهيرالاسلام آن بورڊ هيا، ڪراچي آپريشن بعد سڀ شيون واضح ٿي ويون، ملٽري آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو، اڄ پاڪستان ۾ دهشتگردي جو گراف هيٺ آيو آهي، اسان کي ثابت قدمي سان دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ دهشتگردن جو ڪو نيٽ ورڪ ناهي، پٺين اڍائي ٽن سالن ۾ ملڪي حالتن ۾ گهڻي تبديلي آئي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ آخري مرحلي ۾ آهي، هن چيو ته ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي بعد فوجي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو، اڄ ڪراچي آپريشن جا ڪيترائي دعويدار بڻيل آهن، چوڌري نثار چيو ته وزيراعظم جي منظوري سان 27 آگسٽ تي ڪراچي آپريشن جو اعلان ڪيو، پرڏيهين جا حاصل ڪيل 32 هزار پاڪستاني پاسپورٽس منسوخ ڪيا، 2 لک کان وڌيڪ منع ڪيل بور جا لائسنس منسوخ ڪيا، پنهنجي دور ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا، ڪيترن ماڻهن جا نالا 30 سالن کان اي سي ايل ۾ هيا، هن چيو ته عسڪريت پسندن ڊبل گيم کيڏيو، اربين رپين جي لاڳت سان پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار لڳائي وئي، هاڻي ويزا سڪيورٽي ڪليئرنس بعد جاري ڪيا ويندا آهن، اسلام آباد ۾ رهندڙ سمورن پرڏيهين جو رڪارڊ گهرو وزارت وٽ آهي، پرڏيهين جا 400 گهر اسلام آباد ۾ اهڙا هيا، جيڪي پنهنجو پاڻ کي رجسٽر ڪرائڻ نه پيا چاهين، چيو پيو وڃي ته اسلام آباد ۾ بليڪ واٽر يا خبر ناهي ڪير ڪير رهائش پذير آهن، هن چيو ته 24 ڪلاڪن جي نوٽيس تي اسلام آباد ۾ اڻ رجسٽر گهرن کي خالي ڪرايو ويو، پاڪستان بنانا ريپبلڪ ناهي، هاڻي ڪنهن کي ايئرپورٽ تي ويزا نٿو ملي سگهي، پهرين ايئرپورٽ تي سفارش سان ويزا ڏنا ويندا هيا، ڪراچي آپريشن صوبائي، وفاقي حڪومت، سياسي جماعتن جي گڏ ٿيڻ سان ڪامياب ٿيو، هن چيو ته 4 سالن ۾ ملڪ کي اندروني سڪيورٽي بڻائڻ لاءِ ايمانداري سان ڪم ڪيو، سول آرمڊ فورسز، پوليس جون وڏيون قربانيون آهن، اڄ ڪراچي هڪ شخص جي هٿن ۾ يرغمال ناهي، سول ملٽري ڪو مسئلو ناهي، هن چيو ته قائم علي شاهه ڪراچي آپريشن جي حوالي سان خاص سهڪار ڪيو، مون پاڻ کي گهرو وزارت کان الڳ ڪرايو، ڪوئي ڪائونسلر شپ ناهي ڇڏيندو، مون پاڻ کي گهرو وزارت کان الڳ ڪيو، هن چيو ته اختلاف راءِ سبب پاڻ کي الڳ ڪيو، هن چيو ته سينٽرل ايگزيڪيوٽو ميٽنگ بند ڪمري ۾ هيئ، جيڪا ڳالهه ڪي، پارٽي سطح جي هئي، مان اجلاس ۾ ڳالهائيندو آهيان، ڪابينا ۾ به ڳالهايو، منهنجون ڳالهيون ڪنهن ليڪ ڪري ڇڏيون، پارٽي ۾ ڪجهه معاملن تي اختلاف راءِ آهي، پهرين ئي چئي ڇڏيو هو ته ڪنهن عهدي جو اميدوار ناهيان، سينٽرل ايگزيڪيوٽو ۾ ڳالهيون پارٽي سطح جون هيون، خبر ليڪ ڪرڻ وارو بددنيانت آهي، ڊان ليڪس انڪوائري جو فيصلو حڪومت ڪيو هيو، ڊان ليڪس انڪوائري جي رپورٽ منظر عام تي آڻڻ گهرجي.