ڊان ليڪس جي جاچ لاءِ رٽائرڊ ججن واري ڪاميٽي قبول ناهي، ڪو به نتيجو نه نڪرندو: عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ڊان ليڪس جي جاچ لاءِ حاضر سروس جج جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ريٽائرڊ ججز تي ٻڌل ڪميشن نتيجو نه ڏئي سگهندي. تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان پاناماليڪس ڪيس جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ سپريم ڪورٽ پهتو، جتي پارٽي اڳواڻن سندس آجيان ڪئي. صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڊان ليڪس جي جاچ لاءِ ريٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ ڪميٽي قبول نه آهي. هن چيو ته ريٽائرڊ جج تي ٻڌل ڪميٽي ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ جهڙو ئي نتيجو ڏئي سگهندي، جڏهن ته شهيدن جا وارث انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهن. پاناماليڪس معاملي تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نواز شريف چوري ڪندي پڪڙجي پيو آهي، سموري قوم جون نظرون سپريم ڪورٽ تي کتل آهن، اميد ته ڪرپٽ عنصرن جو احتساب ٿيندو. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس ڪيس کي جلد پُڄاڻي تي پهچائڻ چاهي ٿي، جنهن تي خوشي آهي، سپريم ڪورٽ ايندڙ ٻُڌڻي تي تفصيلي جواب ۽ دستاويز طلب ڪري ورتا آهن. پاناما ليڪس ڪيس جي ٻُڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته عدالت چيو آهي ته پاناما ڪيس جو فيصلو ڪميشن ٺاهي بغير عدالت به ڏئي سگهي ٿي، ڪيس جو فيصلو ڏيڻ ۾ وڌيڪ دير نه ٿيندي، عمران خان چيو ته عدالت جو ڪيس جلد حل ڪرڻ وارو عمل خوشي جوڳو آهي. نئب هٿ مٿي ڪري ويٺي آهي جڏهن ته اداري وٽ اختيار به آهن، هن وڌيڪ چيو ته مغل اعظم جي ٻارن جي وڪيل چيو آهي ته لنڊن ۾ 2006ع ۾ فليٽ خريد ڪيا ويا، جڏهن ته چوڌري نثار، صديق الفاروق، خواجا آصف ۽ ڪلثوم نواز مختلف موقعن تي چيو آهي ته فليٽ 90 جي دور ۾ ورتا ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *