اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڊان ليڪس ايترو وڏو مسئلو نه هو، جيترو بڻايو ويو آهي، ان معاملي تي ڪاميٽي ۽ ڪميشن ٺاهيو ويو آهي، سول ملٽري لاڳاپن جو تماشو لڳائڻ نه گهرجي، گذريل ڏينهن کان گهرو وزارت جي اجلاسن جو سلسلو جاري آهي، گلگت بلتستان ۾ سياحت وڌي رهي آهي، گذريل ڏيڍ سال کان گلگت وڃڻ لاءِ اين او سي وٺڻ ضروري بڻايو ويو هو پر هاڻ سياحن لاءِ اين او سي وٺڻ ضروري ناهي. فيصلي بابت نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته ڊپلوميٽ، اين جي اوز ۽ پراجيڪٽ بابت ايندڙ پرڏيهين کي سيڪيورٽي ڪليئرنس وٺڻ ضروري آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي پاڪستانين جا به سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا، ۳۳ هزار پاسپورٽ رد ڪري چڪا آهيون، هاڻي به اپيلون اچي رهيون آهن، هڪ لک ۷۴ هزار ڪارڊ پرڏيهين جا نڪتا، اهي رد ڪيا، ۳۳ هزار پاسپورٽ رد ڪري چڪا آهيون، هڪ لک ۵۴ هزار ڪارڊ عارضي طور تي بحال ڪيا، جڏهن ته دستاويز پيش ڪرڻ کانپوءِ اهي ڪارڊ مڪمل طور بحال ڪيا ويندا. ۳ هزار ماڻهن رضاڪاراڻي طور تي پنهنجا ڪوڙا ڪارڊ واپس ڪيا، شڪ جي بنياد تي ڪنهن جو به ڪارڊ بلاڪ نه ٿيندو، پهرين ان کي نوٽيس موڪلبو. هن چيو ته ٽن مهينن ۾ ساڍا ٽي لک ڪارڊ بلاڪ ڪيا. گهرو وزير چيو ته ڊان ليڪس ايترو وڏو مسئلو نه هو، جيترو بڻايو ويو آهي، ان معاملي تي ڪاميٽي ۽ ڪميشن ٺاهيو ويو آهي، سول ملٽري لاڳاپن جو تماشو لڳائڻ نه گهرجي، سول ملٽري لاڳاپو نه رڳي پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ حساس معاملو آهي، سول ملٽري لاڳاپا سياسي نه پر قومي آهن، جنهن تي بناجواز بيان، راءِ ۽ ڊرامي جي ضرورت ناهي.