اسلام آباد: (بيورو) ملڪ ۾ ڊالر مهانگو ٿيڻ کان پوءِ ترقياتي منصوبن جي لاڳت ۾ 9 کرب 45 ارب روپين جو ڳڻتي جوڳو اضافو ٿيو آهي. آبي وسائيل جي 22 ترقياتي منصوبن جي خرچن ۾ 648 ارب 21 ڪروڙ روپيه، اين ايڇ اي جي منصوبن جي خرچن ۾ 135 ارب 38 ڪروڙ روپيه، ايوي ايشن دويزن جي منصوبن جي خرچن ۾ 15 ارب 12 ڪروڙ روپيه خرچ ايندو.ڪشمير ۽ گلگت بلتستان منصوبن جي خرچن ۾ 14 ارب 92 ڪروڙ روپيه اضافو ٿيو. گوادر ايئرپورٽ جي خرچن ۾ 14 ارب 57 ڪروڙ روپيه، گولن گول هائيڊرو پاور پروجيڪٽ جي خرچن ۾ 22 ارب 4 ڪروڙ، پاڪستان ريلوي جي انجڻ خريداري منصوبي تي 32 ارب 79 ڪروڙ ۽ ڪيال کهاوڙ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ڪي پي ڪي تي 19 ارب 1 ڪروڙ روپيه اضافو ٿيندو.ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان ريلوي جي منصوبن تي 57 ارب، نيلم جهلم هائيڊرو پاور پروجيڪٽ جي خرچن ۾ 389 ارب، ڪچي ڪينال منصوبن تي 49 ارب 14 ڪروڙ، منگلا ڊيم توسيع منصوبي ۾ 34 ارب 30 ڪروڙ روپيه اضافي خرچ ٿيندو.