ڊائرڪٽوريٽ آف اليڪٽرونڪ ميڊيا کي جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪري ان کي سياسي بنيادن تي هلايو ويندو: ناصر حسين شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ)سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا کي جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪري ان کي سياسي بنيادن تي استهوار ڪيو ويندو ڇو ته اڄ ان جديد ۽ تيز رفتار دور ۾ خبر جي اهميت ڪجھه منٽن کان پوءِ ئي ختم ٿي وڃي ٿي ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته خبر جي وقت تي ۽ تڪڙي تفصيل کي ممڪن بڻايو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دوري دوران ڪئي، ان موقعي تي ان سان گڏ اطلاع وارو سيڪريٽري عمران عطا سومرو، ڊي جي پبلڪ رليشن سميع صديقي ۽ ٻيا ڊائريڪٽر به موجود هيا، صوبائي وزير ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڊائريڪٽر کي هدايت ڪيئ ته هو ان ڊائريڪٽوريٽ کي 24 ڪلاڪ هلائي ۽ سنڌ حڪومت جي وزيرن سميت سمورا اعليٰ ۽ اهم اطلاع وقت تي هلائين، هن وڌيڪ چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا تي عوامي شڪايتون ۽ واقعن تي تڪڙي ازالي لاءِ واسطيدار اختيارن کي فوري طور تي آگاهه ڪيو وڃي ته موجده حڪومت جو منشور ئي اهو آهي ته عوام کي بنيادي سهولتون انهن جي در تي فراهم ڪيو وڃن. ان موقعي تي صوبا.ئي وزير سيد ناصر حسين شاهه ڊائريڪٽوريٽ جي بهتري لاءِ به هدايت ڏني. اطلاع واري سيڪريٽري صوبائي وزير کي ڊائريڪٽوريٽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ان جا مقصد ۽ ڪارڪردگي جي باري ۾ آگاهي ڏني.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *