ڇڪتاڻ ۾ واڌ علائقائي امن جي لاءِ سخت نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(بيورو)آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کان پوءِ پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي جي ڪوششن ۾ مصروف آهي ۽ ان سلسلي ۾ مختلف ملڪن سان رابطن جو سلسلو جاري آهي.رپورٽن موجب پرڏيهي وزير سان پنهنجي روسي هم منصب سيرگئي لاوروف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن خطي ۾ امن جي بحالي جي لاءِ گڏيل ڪوششون شروع ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سميت خطي جي گڏيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي شاهه محمود قريشي ۽ سيرگئي لاوروف خطي جي امن جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي راضپو ظاهر ڪيو جڏهن ته پاڪستان پرڏيهي وزير پنهنجي روسي هم منصب کي چيو ته ڇڪتاڻ ۾ واڌ علائقائي امن جي لاءِ سخت نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي.گڏوگڏ ئي هن چيو ته ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.رپورٽ موجب شاهه محمود قريشي واضح ڪيو ته پاڪستان خطي ۾ ڪنهن نئين تڪرار ۾ شامل نه ٿيندو ۽ نه ئي ان جي سر زمين ڪنهن علائقائي يا پاڙيسري ملڪ جي خلاف استعمال ٿيندي.ٻئي پاسي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان جي لاءِ نئين چونڊيل ايراني سفير سيد محمد علي حسيني سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سميت خطي ۾ امن ۽ مضبوطيءَ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ پرڏيهي وزير جي چيمبر ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پراڻا تاريخي، مذهبي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن.هن نئين ايراني سفير کي چيو ته خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي، پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.ان موقعي تي ايراني سفير محمد علي حسيني پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي پاڪ ايران ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪاوشون ڪتب آڻڻ جي خاطري ڪرائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *