اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا آهن ته ڇو نه شِخ زيد اسپتال جو ڪنٽرول به پاڻ سنڀاليون چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽن ميمبرن واري بئنچ شيخ زيد اسپتال ۾ قانون جي خلاف مقرري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي چيف جسٽس هن معاملي تي هاءِ ڪورٽ ۾ التوا هيٺ ڪيس هڪ هفتي ۾ اڪلائڻ جو حڪم ڏنو عدالت چيو ته شيخ زيد اسپتال صوبي کي منتقل ڪرڻ جو به جائزو وٺندو 18هين ترميم کان پوءِ اسپتال صوبي کي منتقل ڪئي ويئي ڇو نه شيخ زيد اسپتال جو ڪنٽرول پاڻ سنڀاليون بورڊ آف گورنرز کي ٽوڙي ڇڏيون ٿا چيف جسٽس چيو ته حمزه شهباز جي چوڻ تي شيخ زيد اسپتال جي چيئرمين فريدخان کي توسيع ڏني پيئي وڃي فريد خان جي نوڪري ۾ واڌ ڇو ڪئي ويئي ڇا پنجاب حڪومت کي ڪو ٻيو ماڻهو نه پيو ملي فريد خان بورڊ آف گورنرز کي ڇو ايترو محبوب آهي چيف جسٽس چيو ته شيخ زيد استپال کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي پنهنجن اسپتالن کي تباهه ٿيڻ نه ڏينداسين انشاءالله ملڪ ۾ ڪوئي طبي ادارو برباد نه ٿيندو سيڪريٽري هيلٿ پنجاب چيئرمين فريداحمد خان کي توسيع نه ڏيڻ جي خاطري ڪرائي.