ڇا نااهل شخص ضمني يا ايندڙ اليڪشن وڙهي سگهي ٿو؛ چيف جسٽس جو پڇاڻو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل اشتر اوصاف جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ آرٽيڪل 62 (1) (ايف) جي تحت نااهلي جي مدي جي تشريح ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو اربع تي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس عظمت سعيد شيخ جسٽس عمر عطا بنديال جسٽس اعجازالحسن ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل پنجن ميمبرن واري لارجر بئنچ آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااهلي جي مدي جي تشريح لاءِ 13 درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل اشتر اوصاف عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ هن پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته آئين ۾ نااهلي جو مدو مقرر ناهي ڪيو ويو چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا نااهلي شخص ضمني يا آئينده اليڪشن وڙهي سگهي ٿو جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته عدالت کي هر ڪيس ۾ جدا جدا نااهلي جو مدو مقرر ڪرڻو پوندو جسٽس عظمت سعيد شيخ پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڊڪليريشن وقت سان گڏ پاڻمرادو ختم ٿي سگهي ٿو جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته ڊڪلئريشن پاڻمرادو ختم نٿو ٿي سگهي جسٽس اعجازالحسن پڇاڻو ڪيو ته جرم ٿيو ته ڇا قلم سڄي زندگي لڳل رهندو ڇا ان لاءِ آئيني ترميم جي ضرورت نه آهي جسٽس اعجازالحسن ريمارڪس ۾ چيو ته نااهلي جو داغ مجاز فورم يا مجاز عدالت ئي ختم ڪري سگهي ٿو نااهلي جو داغ ختم ٿيڻ بنا نااهلي هميشه لاءِ رهندي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته جڏهن مدو مقرر نه آهي ته ڇا ان صورت ۾ نااهلي هميشه لاءِ هوندي آهي جنهن تي اٽارني جنرل اشتر اوصاف چيو ته ان حوالي سان پارليامينٽ کي جائزو وٺڻو پوندو اٽارني جنرل اشتر اوصاف جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت نااهلي جي مدي جي تشريح ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *