ڇا ميٽرو ٽرين سان لاهور جا لکين مسئلا حل ٿي ويندا: قمر زمان ڪائرا

لاهور (م ڊ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته ميٽرو ٽرين تي دهل وڄايا پيا وڃن، ڇا ميٽرو ٽرين سان لاهور جا لکين مسئلا حل ٿي ويندا، ڇا ان سان پنجاب جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ عوام جا مسئلا حل ٿي ويندا. صحافن سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائرا چيو ته پ پ اهڙو ڇا ڪيو آهي جو سڀ ان خلاف ٿي ويا آهن، عمران خان صاحب کي ڪير ڪجهه نٿو چئي، هو طالبان جي استاد سان ڳٺ جوڙ ڪري نئون اتحاد جوڙي ڇڏيندو آهي. سندس چوڻ هو ته هاري گذريل ٻن ٽن سالن کان وٺي سراپا احتجاج آهن، اهي مقرر ڪيل اگهه نه ملڻ سبب پنهنجي فصلن کي باهه ڏئي رهيا آهن، حڪومت هارين لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪندي آهي پر ان تي عمل ناهي ڪندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *