ڪراچي (م ڊ) ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ سنڌ ولي الله دل چيو آهي ته انٽيليجنس آفيسرن کي پنهنجي ڪم جي خبر ئي ناهي ۽ هو ان جو مطلب رڳو سيڪيورٽي ڊيوٽي کي سمجهن ٿا. ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ سنڌ ولي الله دل ڪراچي ۾ هڪ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي ورڪشاپ جو مقصد انٽيليجنس پوليس کي پتو لڳائڻ جي اهميت ۽ ذميوارين کان آگاهه ڪرڻ آهي. سندس چوڻ هو ته انٽيليجنس آفيسرن کي پنهنجي ڪم جي ئي خبر نه آهي، انٽيليجنس پوليس جو مطلب سيڪيورٽي ڊيوٽي نه پر سادي لباس ۾ انويسٽيگيشن ڪرڻ، سروي ڪرڻ ۽ ڏوهن بابت ڄاڻ گڏ ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسان سڀني کي ڪم ڪرڻو آهي، هر يونٽ ۾ آفيسرن جو 15 ڏينهن وارو تربيتي ڪورس ٿيندو، پوليس ۾ اچڻ جو مقصد رشوت وٺڻ ناهي، انٽيليجنس آفيسر پنهنجي علائقي ۾ رشوت وٺندڙ ايس ايڇ او ۽ پوليس آفيسرن جي نشاندهي ڪن، رشوت وٺڻ وارن پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي رپورٽ مٿين آفيسرن کي ڪن، انٽيليجنس آفيسر پنهنجي علائقي جي يونيفارم پوليس آفيسرن سان ملن ۽ علائقي ۾ جاري سرگرمين کان آگاهه ڪن ۽ ان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪن. هن چيو ته انٽيليجنس آفيسر هر شهر ۾ اهڙن ماڻهن جي نشاندهي ڪن، جيڪي غلط ڪم يا ڏوهه ۾ ملوث آهن. هن نشاندهي ڪئي ته ايڊيشنل آءِ جي انٽيليجنس سنڌ جي آفيس ۾ 156 ماڻهن جو عملو ڪم ڪندو آهي، اها خبر ناهي ته ڪٿي، آفيسر آفيس ۾ موجود نه هوندا ته ڪم ڪيئن ٿيندو. ولي الله دل واضح ڪيو ته هاڻي سڀني انٽيليجنس آفيسرن جي چيڪنگ جو عمل سخت هوندو، 15 مهينن ۾ رڳو 177 اهلڪارن کي ٽريننگ ڏني وئي، جيڪا نااهلي آهي، جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي انٽيليجنس آٽوميشن نظام تي 5 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا پر اهو اڃا تائين غير فعال آهن. سندس چوڻ هو ته انٽيليجنس پوليس کي خبر هئڻ گھرجي ته ٿاڻي ۾ ڪير ڀٿو وٺي رهيو آهي، چرس ڪير ٿو کپائي ۽ سمگلنگ ڪير ڪندو آهي، اها سموري معلومات حاصل ڪري ٿاڻي کي ڪيتري منتقل ڪئي ويندي آهي، انٽيليجنس آفيسر معلوم ڪري اڳتي رپورٽ ڪن، رشوت ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ اسپيشل برانچ کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. هن چيو ته ساهيوال واقعي سان پوليس جي وڏي بي عزتي ٿي آهي.