اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چين جي شهرن وهان ۾ موجود 4 پاڪستاني شاگردن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ڪري ڇڏي.اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي هن ٻڌايو ته چين ۾ 28 کان 30 هزار پاڪستاني رهيل آهن جنهن ۾ وڏو انگ شاگردن جو آهي جيڪي مختلف صوبن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته وائرس جي مرڪز شهر وهان ۾ 500 جي لڳ ڀڳ پاڪستاني شاگرد آهن.هن چيو ته وزير اعظم پاڪستان طرفان شاگردن جي وارثن ۽ سمورن پاڪستاني شهرين کي خاطري ڪرائي ته انهن جي تحفظ ۽ انهن جي علاج معالج جي ذميواري پاڪستان حڪومت جي آهي، جن جو پنهنجن ٻارن جيان خيال رکيو ويندو.خاص مددگار اِهو به ٻڌايو ته ڄاڻايل مسئلو وفاقي ڪابينا ۾ بحث هيٺ آيو هو ۽ پاڪستاني حڪومت، چين ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني سان مسلسل رابطي ۾ آهي.هن چيو ته سفارتخاني جو عملو ۽ پاڪستاني سفير ڪميونٽي جي حوالي سان به ضروري بندوبست ڪرڻ ۾ مصروف آهي ۽ متاثر شاگرد به مسلسل رابطن ۾ آهن، جنهن جي بهترين سار سنڀال ڪئي پئي وڃي.ڪورونا وائرس سبب متاثر شاگردن جي صحت جي حوالي خاص مددگار جو چوڻ هو ته انهن جي صحت بهتر ٿي رهي آهي ۽ اسان جي دعا آهي ته هو مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويندا.سندس چوڻ هو ته شاگردن جي سڃاڻپ ٻڌائي نه پئي وڃي ۽ ميڊيا کان به درخواست آهي ته انهن جي ڇنڊ ڇاڻ نه ڪري.هن چيو ته جيڪڏهن ميڊيا کي خبر پئي ٿي ته ذميواراڻي صحافت ڪندي متاثر شاگردن جي نشاندهي ميڊيا ۾ ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.خاص مددگار ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هن وقت ڪورونا وائرس جو هڪ به مريض موجود ناهي