اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم عمران خان سان اڄ چيني بزنس ڪميونٽِي جي وفد ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ 55 کان وڌيڪ مختلف چيني ڪمپنين جا سربراهه شامل هئا.وزيراعظم آفيس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ناڻي جو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، واپار کاتي جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، مخدوم خسرو بختيار، زبير گيلاني، چيئرمين ايف بي آر شبر زيدي ۽ ٻين کان علاوه پاڪستان ۾ چين جا سفير به موجود هئا.وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري دوران مختلف شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي معاهدن کي عملي جامو پهرائڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهي. ملاقات ۾ چيني وفد وزيراعظم کي ٽن کان پنجن سالن تائين پنج ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي آهي جڏهن ته ننڍي ۽ وچولي طبقي جي چيني ڪمپنين سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ننڍي ۽ وچولي شعبي جي چيني ڪمپنين انڊسٽري پاڪستان منتقل ڪرڻ تي غور ڪيو.ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ چين جو عوام دوستي جي مضبوط ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي، چين هر ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، چين جي قيادت جي ويزن ۽ تدبر مان متاثر آهيون. هن چيو ته چين جو امن ۽ ترقي، گورننس ۽ غربت جي خاتمي جي حڪمت عملي متاثر ڪندڙ آهي، اسان چين جي ترجبن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ منصوبو پاڪستان چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو، منصوبو واپاري لاڳاپن کي به هٿي ڏيڻ ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو، سي پيڪ تحت مختلف منصوبن کي عملي جامو پهرائڻ چاهيون ٿا. چيني ڪمپنين طرفان سرمائيڪاري ۽ انڊسٽري جي منتقلي جي نتيجي ۾ پهرين سال پنجاهه هزار کان وڌيڪ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا.