ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت مالي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي، وفاق طرفان ڪابه مدد نٿي ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت کي سمجهڻو پوندو ته واعدن بدران عملي طور ڪم ڪرڻو پوندو، ٻن سالن ۾ تبديلي اها آئي آهي جو دوائن سوڌو عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿي ويون، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران مرتضيٰ وهاب چيو ته ٺٽي ۾ ناريل جا وڻ پوکڻ جو منصوبو آڻي ڇڏيو آهي، منصوبو ٺٽي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو ۽ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، ٿر ڪول منصوبو به تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.