چيف جسٽس پنهنجي ڳالهه ٻڌائي ڇڏي ٿو، ڪو ٻيو ڳالهائي ته پابندي هڻي ڇڏي ٿو، ايتريون پابنديون ته مارشل لا ۾ به نه لڳيون: نوازشريف

اسلام آباد (اين اين آءِ( پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته چيف جسٽس پنهنجي ڳالهه ٻڌائي ڇڏي ٿو ڪو ٻيو ٻڌائي ته پابندي هڻي ڇڏي ٿو مارشل لا ۾ به ايتريون پابنديون ناهي لڳيون جيتريون هاڻي لڳي رهيون آهن جيڪڏهن چيف جسٽس پاڻ ڳالهه ڪري ٿو ته ٻئي جو جواب ٻڌڻ جي به همٿ هئڻ گهرجي سينٽ چونڊ جي حوالي سان سراج الحق جي ڳالهه وڏي معنيٰ رکي ٿي عمران خان اسيمبلي ميمبرن کي ته ڇنڊ پٽي رهيو آهي پاڻ کي به ڇنڊ پٽي ته ڪنهن جي چوڻ تي سينيٽ ۾ ووٽ ڏنو ڇا چوڌري سرور جي حوالي سان به جواب ڏيندو ان کي ووٽ ڪيئن مليا، موجوده پارليامينٽ ۾ ڪوبه ڌم نه آهي انشاءالله ايندڙ پارليامينٽ ۾ فيصلا ٿيندا چيف جسٽس ڪنهن مظلوم جي گهر به وڃي جنهن جي ڪيس جو فيصلو 20 سالن کان ناهي ٿيو سومر تي محمد نوازشريف ۽ مريم نواز لنڊن ۾ زال ڪلثوم نواز جي عيادت کان پوءِ وطن واپس پهتا ۽ ٻنهي ريفرنسز جي ٻڌني لاءِ احتساب عدالت اسلام آباد ۾ پيش ٿيا عدالت ٻاهران ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي نوازشڙيف چيو ته سراج الحق به ٻڌايو ته وزيراعليٰ خيبرپختونخواهه پرويز خٽڪ ان کي چيو هو ته مٿان حڪم آيو هو ان تي سينيٽ ۾ ووٽ ڏنا ويا عمران خان پنهنجن اسيمبلي ميمبرن کي ڇنڊ پٽي رهيو آهي ته هو پنهنجي به ڇنڊ پٽي ته ڪنهن جي چوڻ تي سينيٽ ۾ ووٽ ڏنا نوازشرف چيو ته ڇا عمران خان قوم کي ٻڌائيندو ته هن تير کي ووٽ ناهي ڏنو ڇا هي ماڻهو تبديلي آڻيندا جيڪي بي اصولي واري سياست ڪري رهيا آهن ڇا چوڌري سرور جي حوالي سان به جواب ڏيندو کيس ووٽ ڪيئن مليا. سينيٽ جي چونڊن ۾ صرف (ن) ليگ ۽ ان جي اتحادين شفاف نموني سان ووٽ ڏنو نوازشريف لاهور ۾ پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) جي جلسي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ جلسي گاهه ۾ سيوريج جو پاڻي ڇڏڻ بابت چيو ته منظور پشتين جي جلسي ۾ پاڻي ڇڏڻ وڏي زيادتي آهي جلسي ۾ پاڻي ڇڏڻ ڪٿان جو راءِ جي آزادي جو اظهار آهي نوازشريف چيو ته چيف جسٽس ثاقب نثار پنهنجي ڳالهه ته ٻڌائي ڇڏي ٿو پر جيڪڏهن ڪو ٻيو ڳالهائي ٿو ته پابنديون هڻي ڇڏي ٿو جيڪڏهن پاڻ ڳالهه ڪري ٿو ته ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ جي به همٿ هئڻ گهرجي ڪلثوم نواز جي طبيعت اڳ کان بهتر قوم کي دعائن جي اپيل آهي. اسان ته بس وياسين ۽ وڃي واپس آياسين ايتريون پابنديون مارشل لا ۾ به نه لڳايون ويون جيڪي هاڻي ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن روزانو اهڙا فيصلا ڏنا وڃن ٿا جن جو ڪوبه منطق نه آهي 22 ڪروڙ عوام جي زبان بندي قبول نه آهي هي صورتحال پاڪستان ۾ اڳ ڪڏهن به ناهي ڏٺي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هن ڪيس ۾ مون کي سزا ڏيارڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي ان لاءِ به سزا ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن پنجن ججن کي سرخرو ڪري سگهجي. چيف جسٽس روز اسپتال ۾ وڃي ٿو ۽ ڀاڄين جي اگهن جي ڳالهه ڪري ٿو هي اوهان جو ڪم نه آهي وڏي وزير کي طلب ڪريو ته حڪومت کي لائين ۾ بيهاري ڇڏيو دنيا ۾ ڪٿي به عدليه ايئن ناهي ڪندي نوازشريف چيو ته چيف جسٽس ڪنهن مظلوم جي گهر به وڃي جنهن جي ڪيس جو فيصلو 20 سالن کان ناهي ٿيو ماتحت عدالتن ۾ به وڃي جيڪو اوهان جو بنيادي ڪم آهي عدليه جا تازه 3 فيصلا جسٽس منير جي فيصلي کان به بدترين آهن مان عدالت ۾ ويٺو هوندو آهيان ۽ ٻاهر آواز ڏنا ويندا آهن. (سرڪار بنام ميان نوازشريف وغيره) نوازشريف چيو ته اسان ملڪ جي خدمت ڪئي ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو ۽ سي پيڪ ڏنو ڪراچي ۾ دهشتگردي ختم ڪري ڇڏي هن چيو ته عمران خان به چوي ٿو ته نااهلي وارو فيصلو ٺيڪ نه آهي مان شهبازشريف کي چيو هو ته خيبرپختونخواهه ۽ ڪراچي جا دورا ڪريو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *