چيف جسٽس وٽ فريادي بڻجي ويس، اميد آهي ته هو ڳالهه کي سمجهندو: وزير اعظم

سرگوڌا(م ڊ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئون چيف جسٽس وٽ پاڪستان جو فريادي بڻجي ويو هئس ۽ اميد آهي ته هو ڳالهه کي سمجهندو. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سرگوڌا ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته جڏهن اسان کي حڪومت ملي ته مسئلا ئي مسئلا هئا، سياري ۾ گيس نه هو، سي اين جي بند هئي، ڪارخانا ۽ زگهر بند هئا پر اڄ پاڪستان ۾ جتي به وڃو هر جاءِ تي مسلم ليگ ن ۽ نواز شريف جو ئي ڪم نظر ايندو. هن چيو ته نه ته پرويز مشرف ڪو ڪم ڪيو ۽ نه ئي وري آصف زرداري ڪو ڪم ڪيو، رڳو ن ليگ ئي آهي جيڪا عوام جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ ڪم ڪندي آهي، ٻين حڪومتن رڳو پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ ڪم ڪيو.  هن چيو ته جيڪي ماڻهو پيسا ڏئي سينيٽر بڻيا اهي پاڪستان جي نمائندگي نٿا ڪري سگهن، انهن ماڻهن کي گهر موڪلڻ جي ضرورت آهي. هن سياسي مخالفن کي تنقيد جو  نشانو بڻائيندي چيو ته سڀ کان وڌيڪ تڪليف عمران خان کي آهي پر هو پنهنجي تقرير وساري ويٺو آهي ته جڏهن هو روز تقرير ڪندي هو ته منهنجا 14 ايم پي ايز آصف زرداري خريديا آهن پر جڏهن ووٽ ڏيڻ جو وارو آيو ته سندس پارٽي پيپلز پارٽي کي ئي ووٽ ڏنا. هن چيو ته اڄ اسان کي ان برائي خلاف اٿي بيهڻ جي ضرورت آهي ۽ ان کي پاڙان پٽڻ جي ضرورت آهي ڇو ته سينيٽ وفاق جي نمائندگي ڪندي آهي. وزير اعظم چيو ته مسلم ليگ ن واحد پارٽي آهي جنهن سينيٽ جي اليڪشن ۾ هڪ رپيو به خرچ ناهي ڪيو، اهي ماڻهو به سينيٽر چونڊجي ويا جن جي پارٽي  جو اسيمبلي ۾ ڪو وجود ئي نه هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *