لاهور(م ڊ) وزيراعظم نواز شريف مردان يونيورسٽي شاگرد مشعال خان جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم هائوس مان جاري بيان ۾ هن چيو ته مون کي عبدالولي خان يونيورسٽي ۾ بي حس هجوم طرفان شاگرد مشعال خان جي قتل تي وڏو ڏک ٿيو آهي. سموري قوم کي متحد ٿي ان ڏوهه جي مذمت ڪرڻ گهرجي. نواز شريف چيو ته رياست قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي. وزيراعظم ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف فوري ڪارروائي جي هدايت ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته اها باقي جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪري. هوڏانهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو آهي ته مشعال خان جو قتل وحشت جي انتها آهي، مشعال خان جي قتل معاملي ۾ مذهب جو غلط استعمال ڪيو ويو، ڇو ته اسلام ۾ غير مسلم سان به زيادتي جي اجازت ناهي. هن چيو ته ان واقعي تي صوبائي حڪومت عدالتي تحقيقات جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي اهو بلڪل درست آهي. اسان کي عدالتي جاچ جو انتظار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ان واقعي مان غلط پيغام ويو آهي ته ڪهڙي طرح هن ملڪ ۾ ڪجهه ماڻهو اسلام جي نالي جو غلط استعمال پيا ڪن. هوڏانهن پوليس چيو آهي ته مشعال خان جي قتل ڪيس ۾ ۲۰ ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ هيل تائين اهڙا ثبوت ناهن ته هن مذهب جي توهين ڪئي هجي، جڏهن ته قتل الزام ۾ گرفتار ۸ جوابدارن رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيا ويا. هوڏانهن ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ مشعال خان جي قتل جي عدالتي جاچ لاءِ سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته عبدالولي خان يونيورسٽي جي منتظم فياض علي شاهه پنهنجي ئي رجسٽرار جي صحيح ڪيل نوٽيفڪيشن کي رد ڪندي چيو آهي ته مشعال خان جي يونيورسٽي کان معطلي جو نوٽيفڪيشن انتظاميا جاري ناهي ڪيو. رجسٽرار ۽ مون کي نوٽيفڪيشن بابت بي خبر رکيو ويو.اسسٽنٽ رجسٽرار جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. پهريون سوال اهو آهي ته سندس الزام جي جاچ ٿيڻ اڃا باقي هئي ته شاگردن کي معطل ڪيو ويو، ٻيو سوال اهو آهي، ڇا هو اُهو ئي نوٽيفڪيشن آهي جيڪو شاگردن ۾چڙ جو سبب بڻيو هو. ٽيون سوال اهو آهي ته اسسٽنٽ رجسٽرار وٽ ڪهڙا ثبوت هئا، جڏهن ته وڌيڪ چار جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن جن ۾ يونيورسٽي ملازم به شامل آهن.