ڪوئيٽا(م ڊ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار ليگل ريفارمز جي شروعات جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ڪوئيٽا ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيل کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته ججن وٽ تمام گهڻو ڪم آهي، انڪري ڪيسن کي تيزي سان نٿا اڪلائي سگهون، وڪيلن تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته سهڪار ڪن ۽ هڙتالي ڪلچرل ختم ڪن. ليگل ريفارمز جو اعلان ڪندي چيف جسٽس چيو ته اسان جو قانون پراڻو ٿي چڪو آهي،مان ڪيترن ئي ريفارمز تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي،الله ڪندو ڪامياب ٿيان،مونکي رضاڪار گهرجن جيڪي هن مشن ۾ ساٿ ڏين.چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته وڪيل لاچار ناهن، توهان مضبوط ۽ بهادر آهيو، وڪيل جڏهن پاڻ کي لاچار ۽ بيوس چوندا آهن ته مونکي شرم ايندو آهي