چيف جسٽس قرض معافي ۾ ملوث سمورين 9 بئنڪن جي صدرن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار قرض معافي ۾ ملوث سمورين 9 بئنڪن جي صدرن کي نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته قرض معافي تي وڏو فراڊ ٿيو آهي، اهو قوم جو ناڻو هو، جيڪو معاف ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ قرض معافي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ڪُل رقم جو 75 سيڪڙو جمع ڪرائڻ لاءِ 3 مهينن جي مهلت ڏني. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته رقم رجسٽرار سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وڃي، ڌريون پوسٽ ڊيٽ چيڪ جمع ڪرائن، چيڪ ڊس آنر ٿيو ته ايف آءِ آر به داخل ڪرائي سگهجي ٿي، ڪيش جمع ڪرائيندڙ ڪيش واپس وٺي ڪيش جمع ڪرائي سگهن ٿا. عدالت قرض معافي ۾ ملوث سمورين 9 بئنڪن جي صدرن کي نوٽيس جاري ڪندي چيو ته بئنڪون قرض واپسي لاءِ طريقي ڪار بابت سهڪار ڪن. چيف جسٽس چيو ته 222 ماڻهن ڪميشن رپورٽ موجب قرض معاف ڪرايا، فهرست ملي، ماڻهو معاف قرضن جي رقم واپس ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪي ماڻهو رقم واپس ڪرائڻ چاهين ٿا انهن کي الڳ سان ٻُڌنداسين، جيڪي ماڻهو بئنڪنگ ڪورٽ وڃڻ چاهين ٿا انهن کي الڳ ٻڌنداسين. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته قرض معافي ۾ تمام گهڻو فراڊ ٿيو آهي، اهو قوم جو پئسو هو جيڪو معاف ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *