ڪراچي( م ڈ ڊ ) چيف جسٽس ثاقب نثار ڪراچي جي سمورين خانگي اسپتالن کي سڀاڻي تائين ڪمرن جا ڀاڙا، آڪسيجن، وينٽي ليٽر ۽ ٻين سهولتن جي اگهن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ڪراچي رجسٽري ۾ امل قتل پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي دوران اسپتالن بابت معاملن تي به روشني وڌي. ان موقعي تي چيف جسٽس ضياءَ الدين اسپتال جي انتظاميه کان پڇاڻو ڪيو ته شرجيل ميمڻ کي جنهن ڪمري ۾ رکيو ويو تنهن جو ڀارو ڪيترو آهي، اسپتال جو ڪمرو ڪنهن هوٽل جي ڪمري کان وڌيڪ عاليشان لڳي رهيو هو. اسپتال انتظاميه آگاهه ڪيو ته شرجيل ميمڻ جو جي ڪمري جو روزاني ڀاڙو 35 هزار رپيه آهي. چيف جسٽس ضياءَ الدين اسپتال جي مالڪ ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين بابت به پڇاڻو ڪيو جنهن تي عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته هو ملڪ کان ٻاهر آهي. چيف جسٽس چيو ته ڊاڪٽر عاصم کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڪنهن ڏني، هن چيو هو ته نالو اي سي ايل ۾ نه وجهو، ملڪ کان ٻاهر نه ويندس. وڪيل آگاهه ڪيو ته ڊاڪٽر عاصم کي نيب عدالت ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ضياءَ الدين اسپتال ۾ 15 ڏينهن دوران ڪيترن مريضن جو مفت ۾ علاج ٿيو آهي، اتي غريبن لاءِ ڪيترا بسترا مخصوص آهن، انهن جا اگهه ڪهڙا آهن. عدالت پڇاڻو ڪيو ته آڪسيجن، وينٽي ليٽر جي سهولتن جا ڪهڙا اگهه آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ خانگي اسپتالن کي اپيل آهي ته غريب مريضن لاءِ به ڪجهه ڪن، گهٽ ۾ گهٽ 20 بيڊز غريبن لاءِ مخصوص ڪيا وڃن. هن چيو ته لاهور جي ڀيٽ ۾ ڪراچي جي خانگي اسپتالن جي حالت بهتر لڳي رهي آهي. چيف جسٽس سمورين خانگي اسپتالن جي ريٽ لسٽ بابت تفصيل سڀاڻي تائين جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن کي طلب ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.