چيف جسٽس جي درخواست تي سپريم ڪورٽ بار هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي درخواست تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پير ڪليم خورشيد چيو هو ته سپريم ڪورٽ بار عدليا سان گڏ بيٺل آهي، واقعي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي ٺاهي وڃي ۽ جوابدارن خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ڪيس هلايا وڃن. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ججن جي تحفظ ۾ ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. سنڌ  هاءِ ڪورٽ بار جي صدر محمد سليم مڱريي به واقعي خلاف سڀاڻي مڪمل هڙتال جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين ڪامران مرتضيٰ جو چوڻ هو ته واقعي خلاف وڪيل سڀاڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪندا. سپريم ڪورٽ جي ترجمان طرفان بار ڪائونسلز جي هڙتال جي اعلان کانپوءِ چيف جسٽس آف پاڪستان سڄي ملڪ ۾ سمورين بار ڪائونسلز کي هڙتال واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن هڙتال واپس وٺي ڇڏي آهي پر ٻين بار ڪائونسلز طرفان ڪو بيان سامهون ناهي آيو. سپريم ڪورٽ جي ترجمان موجب چيف جسٽس حمايت تي سڀني بار ڪائونسلز جا ٿورا مڃيا. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته سڀاڻي مختلف عدالتن ۾ سائلين جي ڪيس مقرر ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري وڪيل برادري انصاف جي فراهمي لاءِ عدالتن ۾ پيش ٿئي. چيف جسٽس آف پاڪستان جي درخواست تي سپريم ڪورٽ بار هڙتال جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ بار جي صدر ڪليم خورشيد جو چوڻ هو ته چيف جسٽس عوامي مفادن ۾ هڙتال جو سڏ واپس وٺڻ جو چيو هو، جنهن کانپوءِ اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *