چيف جسٽس جوابدار جي عمر قيد سزا ختم ڪري آزاد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ چيف جسٽس آصف کوسا جوابدار جي عمر قيد جي سزا ختم ڪري آزاد ڪري ڇڏيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته اسان سيف ڪسٽڊي ۽ سيف ٽرانسميشن جو اصول واضح ڪري ڇڏيو آهي، يقيني طور تي ڪجهه جاين تي ڪجهه جوابدارن کي فائدو ٿيندو، پر اسان جي ان عمل سان قانون سڌو ٿي ويندو. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي ۾ عدالت چيو ته 2010ع ۾ ٽرائل ڪورٽ سزا ٻڌائي، هاءِ ڪورٽ برقرار رکيو. چيف جسٽس جو ريمارڪس ۾ چوڻ هو ته منشيات جي ليبارٽري رپورٽ به مثبت آئي، ٿاڻي ۾ هٿ ڪيل مال جي سيف ڪسٽڊي ثابت ناهي ٿي، نه محرر عدالت ۾ پيش ٿيو نه ان جو بيان ريڪارڊ ٿيو، فرانزڪ ليب ۾ رپورٽ لاءِ نمونا ڪير کڻي ويو خبر ناهي. سپريم ڪورٽ شڪ جو فائدو کڻندي جوابدار همايون خان جي سزا ختم ڪري ڇڏي ۽ آزاد ڪري ڇڏيو.  چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اسان سيف ڪسٽڊي ۽ سيف ٽرانسميشن جو اصول واضح ڪري ڇڏيو آهي، يقيني طور تي ڪجهه جاين تي ڪجهه جوابدارن کي فائدو ٿيندو، پر اسان جي ان عمل سان قانون سڌو ٿي ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *