چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرريءَ لاءِ اپوزيشن جو سپريم ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد (بيورو) گڏيل اپوزيشن چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري لاءِ قائم پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ بنا نتيجي ختم ٿي ويو، جنهن کانپوءِ اپوزيشن ان معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.اپوزيشن جي 11 ميمبرن پنهنجي صحيحن سان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ وفاق کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي 6 ڊسمبر تي رٽائرمينٽ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن غير فعال ٿي ويندي ۽ گڏوگڏ اليڪشن ڪميشن جا باقي ٻه ميمبر به جنوري ۾ رٽائر ٿي ويندا.ان ڏس ۾ شيرين مزاري جو چوڻ هو ته پارلياماني ڪميٽي گڏيل طور سنڌ ۽ بلوچستان جي ميمبرن سميت چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالن کي به فائنل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ عدالت کان ڪجهه وقت ورتو ويندو.ن ليگ سيڪريٽري جنرل احسن اقبال جو چوڻ هو ته حڪومت جي نيت قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر لڳائڻ جي آهي، جيڪو اسان کي قبول ناهي.پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ حڪومتي نالا اڃا فائنل ناهن ٿيا، نالا فائنل ٿيڻ سان ئي اپوزيشن ليڊر سان ڳالهائينداسين، اڳ ۾ ڪوشش ڪنداسين ته ميمبرن جي نالن تي اتفاق ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *