چيف اليڪشن ڪمشنر جو عهدو انتهائي اهم آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏجي معاملو حل ڪرڻ گهرجي : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري وارو معاملو ڏهه ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اسان پارليامينٽ کي مضبوط ڏيڻ گهرون ٿا ۽ اهو ڪم توهان کي ڪرڻو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جو عهدو انتهائي اهم آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏجي معاملو حل ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميمبرز جي مقرري نه ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت حڪومت کي اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميمبرز جي مقرري وارو معاملو 10 ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله ڪئي ۽ وفاق طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق کوکر پيش ٿيو. ٻڌڻيءَ دوران وفاقي سرڪار ميمبرز جي مقرري وارو مامرو حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مهلت جي استدعا ڪئي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته گذريل ڏينهن پارلياماني ڪميٽي جو ستون اجلاس ٿيو، معاملو حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا، حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪوششن جو به قدر ڪريون ٿا. عدالت ن ليگ اڳواڻ ۽ درخواستگذار محسن شاهه رانجهان کان پڇيو ته ڇا توهان سُپريم ڪورٽ ۾ ڪا پٽيشن داخل ڪرائي آهي ڇا؟ سمجهه ۾ نٿو اچي ته جڏهن معاملا حل ٿيڻ وڃي رهيا آهن ته توهان عدالت ڇو آيا؟ توهان اهڙا مامرا عدالت ۾ ڇو آڻيندا آهيو، سمجهه ۾ نٿو اچي. چيف جسٽس درخواستگذار سان مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا ته سڀ ڪجهه توهان وٽ آهي، چونڊيل نمائندا آهيو، پاڻ معاملا حل ڪيو، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته پارليامينٽ جا معاملا عدالت ۾ ڇو آڻي رهيا آهيو؟ توهان کي اسان وٽ نه اچڻ گهرجي، بلڪه سمورا اختلاف پارليامينٽ ۾ حل ڪريو، هر ميمبر کي گهرجي ته ڪوشش ڪري عدالت بدران پارليامينٽ ۾ ئي معاملو حل ڪري. چيف جسٽس اطهر من الله نواز ليگ اڳواڻ محسن شاهه نواز رانجها سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان پارليامينٽ کي مضبوط ڏيڻ گهرون ٿا ۽ اهو ڪم توهان کي ڪرڻو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جو عهدو انتهائي اهم آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏجي معاملو حل ڪرڻ گهرجي. هتي ماضي ۾ ڪجهه شيون ٺيڪ نه ٿيون آهن، اسان جي نظر ۾ آهي، توهان کي پارليامينٽ ۾ وڏا وڏا اشوز حل ڪرڻي آهن، هي ته رڳو ٻن ميمبرز جي مقرري جو معاملو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *