چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ لاءِ سينيٽ اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ جي نئين چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ اڄ ٿيندي، جنهن لاءِ مختلف سياسي پارٽين طرفان صلاح مشورا جاري آهن. سينيٽ اجلاس سڀاڻي ڏهين وڳي شروع ٿيندو، جنهن جي شروعات ۾ نوان چونڊيل سينيٽر حلف کڻندا، جنهن کانپوءِ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ اجلاس ملتوي ڪيو ويندو. وقفي دوران چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويندا. اجلاس ٻيهر شروع ٿيڻ کانپوءِ ووٽ ٿيندي. ووٽنگ کان اڳ ڪو به اميدوار نامزدگي ڪاغذ موٽائڻ جو خواهشمند هجي ته موٽائي سگهندو. سينيٽ جي قاعدن موجب اجلاس ۾ چيئرمين لاءِ حتمي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ ووٽنگ جو عمل شروع ٿيندو، رڳو هڪ ئي اميدوار بچڻ جي صورت ۾ اهو بنا مقابلي سينيٽ چيئرمين چونڊجي ويندو، جڏهن ته هڪ کان وڌيڪ اميدوار هجڻ جي صورت ۾ ووٽنگ ٿيندي. سينيٽ ميمبر ڳجهي بيلٽ پيپر ذريعي پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪري سگهندا. قاعدن موجب کٽيندڙ اميدوار کي مخالف اميدوار کان وڌيڪ ووٽ کڻڻا هوندا، اميدوار ٻه کان وڌيڪ هجڻ جي صورت ۾ کٽيندڙ کي مخالف اميدوارن جي مجموعي ووٽن کان وڌيڪ ووٽ کڻڻا پوندا، ائين نه ٿيو ته ووٽنگ ٻيهر ٿيندي ۽ گذريل ووٽنگ ۾ سڀ کان گهٽ ووٽ کڻندڙ اميدوار ان ووٽنگ لاءِ اهل نه هوندو. ٻن اميدوارن وچ ۾ مقابلو برابر ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيهر ووٽنگ ٿيندي، ٽن اميدوارن ۾ مقابلو برابر ٿيڻ جي صورت ۾ پرچي ذريعي ٻن اميدوارن جي چونڊ ڪئي ويندي، جن وچ ۾ ٻيهر ووٽنگ ٿيندي. ووٽنگ جي ڳڻپ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو. سينيٽ چيئرمين جي چونڊ کانپوءِ ساڳي طريقي سان ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ڪئي ويندي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *