چيئرمين پاران نصيرآباد پريس ڪلب لاءِ هڪ لک روپين جو اعلان،نصيرآباد جي صحافت ٻين علائقن کان مختلف آهي؛اڳواڻ
March 11, 2017 at 1:33 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
نصيرآباد ( رپورٽر) نصيرآباد پريس ڪلب پاران ٽائون ڪميٽي نصيرآباد جي چيئرمين وائيس چيئرمين سميت ٽائون ڪميٽي نصيرآباد جي ڪائونسلرن جي مان ۾ آجياڻو، آءُ خود صحافي آهيان اڄ جيڪو ڪجھه آهيان صحافت ۽ پارٽي جي ڪري آهيان، نصيرآباد پريس ڪلب لاءِ هڪ لک روپين جو اعلان ڪريان ٿو چيئرمين ٽائون ڪميٽي نصيرآباد محمد حيات شيخ . نصيرآباد جا صحافي اتر سنڌ ۾ الڳ مقام رکن ٿا سينگار نوناري نصيرآباد جي صحافت ٻين علائقن کان مختلف آهي وائيس چيئرمين حاجي وزير ڦلپوٽو تفصيل موجب نصيرآباد پريس ڪلب پاران نصيرآباد ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين محمد حيات شيخ وائيس چيئرمين حاجي وزير ڦلپوٽو سميت نصيرآباد جي سموري ڪائونسل جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو آجياڻي تقريب ۾ چيئرمين محمد حيات شيخ وائيس چيئرمين حاجي وزير ڦلپوٽو ڪائونسلر سينگار نوناري رسول بخش کوسو غلام مصطفيٰ نوناري بخش علي چانڊيو محمد نواز اوڍاڻو امان الله تنيو منوهر لعل سعيد احمد ڏهر جبار آزاد منگي عورت ڪائونسلر رشيده ٻگھيو مسڪان اوڍاڻو سنيئر پ پ پ جي اڳواڻ حاجي عبدالعزيز ڇٽو سپاف اڳواڻ محمد عمر ڇٽو ارشاد علي بروهي عرفان بروهي محمد عمر ٻگھيو صحافين صدر پريس ڪلب حافظ عاشق حسين ڦلپوٽو محمد عظيم ٽڳڙ محمد اعظم ٽڳڙ بشير احمد بروهي اڪرم شيخ بشير احمد لغاري عبدالوحيد باداڻي غلام رسول کوسو عبدالمجيد بروهي راجا لاشاري روشن علي ڀٽي رستم علي لغاري ذوالفقار علي مغيري ۽ٻين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي ان موقعي تي چيئرمين محمد حيات شيخ چيو ته آءُ خود صحافي آهيان مان هن وقت جنهن مقام تي آهيان اهو صحافت ۽ پارٽي جي ڪري آهيان سياست جي شروعات صحافت کان ڪئي آهي اڄ صحافت عبادت آهي هي منهنجو گھر آهي نصيرآباد پريس ڪلب جي عمارت لاءِ مان پاڻ ڪوششون ڪيون هيون نصيرآباد جي صحافين جو شهر قوم ۽ جمهوريت لاءِ وڏو ڪردار آهي چيئرمين ٽائون ڪاميٽي نصيرآباد محمد حيات شيخ پاران نصيرآباد پريس ڪلب جي لاء هڪ لک روپين جو اعلان پڻ ڪيو سماجي ورڪر ڪائونسلر سينگار نوناري چيو ته اتر سنڌ جي صحافين جو الڳ مقام آهي هن چيو ته جيڪڏهن سموري سنڌ جا صحافي نصيرآباد جي صحافين وارو ڪردار ادا ڪن ته شايد سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي انهنجن ۾ گھٽتائي اچي سگھي ها نصيرآباد جا صحافي حق ۽ سچ لکڻ جا قائل آهن، تقريب کي وائيس چيئرمين حاجي وزير ڦلپوٽو صدر پريس ڪلب عاشق حسين ڦلپوٽو بشير لغاري پڻ خطاب ڪيو ڪيو