چيئرمين ايف بي آر طرفان سمورين بئنڪن کان بي نامي اڪائونٽن جا تفصيل طلب

اسلام آباد: (بيورو) ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي سمورين بئنڪن کان بي نامي اڪائونٽن جي ڄاڻ طلب ڪري ورتي آهي.ايف بي آر جي چيئرمين شبر زيدي طرفان سمورين بئنڪن جي سربراهن کي لکيل خط ۾ بي نامي اڪائونٽن جي ڄاڻ 15 ڏينهن ۾ ايف بي آر کي فراهم ڪرڻ جي جي درخواست ڪئي وئي آهي.شبر زيدي بئنڪ جي سربراهن کي لکيو ته ايف بي آر اڪائونٽ هولڊرن سان سڌو رابطو نه ٿي ڪرڻ چاهي، هو چاهين ٿا ته بئنڪ پنهنجي اڪائونٽ هولڊرن کان بي نامي اڪائونٽن جا تفصيل پاڻ طلب ڪري، بي نامي اڪائونٽن تي فراهم ڪيل ڄاڻ ڳجهي رکي ويندي.ايف بي آر چيئرمين چيو ته ايف بي آر بي نامي ايڪٽ 2017ع تحت  بي نامي اڪائونٽن جي نشاندهي جي ذميوار آهي.  خط ۾ چيو ويو آهي ته ايف بي آر ۽ بئنڪ گڏجي ڪم ڪن ته بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *