اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) جي چيئرمين شبر زيدي جي جلد صحتياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ ان جو متبادل آڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيڻ دوران چيو ته مني بجيٽ آڻڻ ۽ ايف بي آر جي چيئرمين شبرزيدي جي جلد صحتياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ ان جو متبادل آڻڻو پوندو. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته چيئرمين ايف بي آر شبر زيدي واقعي بيمار آهي. اسان جي خواهش آهي ته هو جلد صحتياب ٿئي. پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ان جو متبادل آڻڻو پوندو.ٽيڪس حدف پورا نه ٿيڻ جي صورت ۾ مني بجيٽ آڻڻ بابت سوال تي ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته مني بجيٽ جو لفظ تڪراري ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته معاشي مينجمينٽ ضروري هوندي آهي ۽ اهو هڪ مسلسل عمل آهي. ائين ناهي ٿيندو ته هڪ ڀيرو بجيٽ ٺاهي پوءِ ان ۾ تبديلي نه ٿئي. واضح رهي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) جي چيئرمين شبر زيدي جي طبيعت خراب آهي جنهن سبب کيس علاج جي لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي جتي ڊاڪٽرن جي صلاح مشوري کان پوءِ هو موڪلن تي آهي.