لاهور (اين اين آءِ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيدشاهه گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان کي ڪوڙو ماڻهو قرار ڏيندي چيو ته چوڌري نثار ڪوڙو ماڻهو آهي ان کي جواب ڏيڻ پسند نٿو ڪيان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ۾ ڪي به رابطا نه آهن پ پ پ جمهوريت جي حامي آهي ۽ سسٽم کي ڊي ريل ڪرڻ نٿي چاهي مشرف ٻاهر ويهي بيان ڏيڻ کان بهتر آهي ته پاڪستان اچي سياست ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پ پ پ جي عالم سڳورن واري ونگ جي صدر علامه يوسف اعواڻ جي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو خورشيد شاهه چيو ته شريف ڀائر سياست کان تنگ آهن انهن کي سياست جو الف ب به نٿي اچي هن چيو ته چوڌري نثار ٻه ڏينهن اڳ ڊان ليڪس تي فوج کان بدلو ورتو آهي چوڌري نثار وانگر مان ڪوڙو نه آهيان چوڌري نثار ڪوڙو ماڻهو آهي ۽ ان کي جواب ڏيڻ پسند نٿو ڪيان.