لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار طويل عرصي کان پارٽي سان سلهاڙيل رهيو آهي ۽ هو مسلم ليگ ن جو اثاثو آهي، پرويز رشيد کي ميڊيا تي اچي ڪجهه ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي، نواز شيرف پارٽي صدر جي حيثيت سان ان معاملي کي حل ڪري. ميڊيا جي رپورٽن موجب شهباز شريف مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف کان چوڌري نثار ۽ پرويز رشيد جي وچ ۾ هلندڙ لفظي ويڙهه کي ختم ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته چوڌري نثار پارٽي جو سينيئر ترين اڳواڻ آهي ۽ هو نواز شريف سان 1980ع کان سلهاڙيل آهي. چوڌري نثار ان عرص دوران نواز شريف جي گهڻو ويجهو رهيو آهي. نواز شريف کي گهرجي ته هو ٻنهي اڳواڻن کي گهرائي ۽ ٻنهي کي گڏ ويهاري فيصلو ڪري.