ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته حسين نواز خلاف جي آءِ ٽي هلي رهي آهي، گهرو وزير چوڌري نثار سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري، نواز شريف کيس نوڪري مان نه ڪڍندو. ڪراچيءَ ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ماڻهن لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي. هن چيو ته ٻهراڙين ۾ 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، ڪراچي جي حالت ٻهراڙي جي علائقن کان لک ڀيرا ڀلي آهي. سندس چوڻ هو ته وفاقي سرڪار عوام لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي، وزيراعظم ۽ سندس ٽيم کي سوچڻ گهرجي، هنن رمضان المبارڪ ۾ عوام کي ڪهڙو تحفو ڏنو آهي؟ شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هر وڏي فورم تي آواز اٿاريو آهي ۽ پ پ به ڀرپور احتجاج ڪيو آهي. هن چيو ته مڪمل طور وفاقي ۽ توانائي واري وزارت ناڪام ٿي چڪيون آهن، ملڪ ۾ بادشاهت هلي رهي آهي، نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب جو راڄ آهي، مخالفن تي ڪوڙا داخل ڪيا پيا وڃن، سندس نالو اي سي ايل ۾ تڏهن شامل ڪيو ويو جڏهن منهنجي خلاف ڪو به ڪيس داخل ٿيل نه هو. شرجيل ميمڻ چوڌري نثار کي مخاطب ٿيندي چيو ته چوڌري نثار ٿوري همت ڪري، توهان کي نوڪري مان نه ڪڍيو ويندو، حسين نواز جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته چوڌري نثار انصاف جون گهرجون پوريون ڪري رهيو آهي ته شريف ڪٽنب جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري.