اسلام آباد (بيورو): وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت هيٺ مسلمان ملڪن جي سفيرن جي اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مسلم امت ناموس رسالت جي تحفظ لاءِ متحد آهي، عرب ليگ ۽ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرلز کي به ريفرنسز موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت هيٺ مسلمان ملڪن جي سفيرن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آذر بائيجان، بوسنيا، قازقستان، لبنان، مالديپ، قطر، صوماليه، تاجڪستان ۽ ترڪي جي سفيرن شرڪت ڪئي، اعليٰ سطحي اجلاس ۾ سوشل ميڊيا تي گستاخانه مواد جي حوالي سان هڪ نڪاتي ايجنڊا ۽ مقدس هستين خلاف پروپيگنڊه جو موثر جواب ڏيڻ لاءِ غور ڪيو ويو، سفيرن معاملي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ گهرو وزير کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ڪردار کي ساراهيو، ان موقعي تي چوڌري نثار ڳالهائيندي چيو ته مذهب ۽ مقدس هستين جي بي حرمتي ناقابل برداشت آهي، دنيا جو ڪو به قانون ڪنهن به مذهب جي توهين جي اجازت نٿو ڏئي، دنيا کي اسلام فوبيا مان ڪڍڻ لاءِ مسلم امت گڏجي ڪم ڪري، دنيا تسليم ڪري مذهب جي بي حرمتي به دهشتگردي آهي، مغربي دنيا اسلام ۽ مسلمانن جي حوالي سان ٻٽو معيار نه اپنائي، اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مسلم امت ناموس رسالت ﷺ جي تحفظ لاءِ متحد آهي، پرڏيهي وزارت گستاخانه مواد روڪڻ لاءِ حڪمت عملي بڻائيندي، حڪمت عملي جو پيپر سمورن مسلم ملڪن جي سفيرن حوالي ڪيو ويندو، مسلم ملڪن جا سفير پنهنجي حڪومتن سان رابطو ڪري راءِ حاصل ڪندا، مسلم ملڪن جي مشورن تي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي، اجلاس ۾ عرب ليگ ۽ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرلز کي به ريفرنسز موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ريفرنسز ۾ گستاخانه مواد بابت معاملو اٿاريو ويندو، مسلم ملڪن کان مشورا ملڻ بعد معاملو گڏيل قومن ۾ به اٿاريو ويندو، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مسلم ملڪن جي عدالتن ۾ قانوني جنگ وڙهڻ جو جائزو ورتو ويو.