چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون، ڪير غلط فهمي ۾ نه رهي، دير ٿيڻ نه ڏينداسين: چيف جسٽس

لاهور (اين اين آءِ( چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چونڊ ضابطن تي عملدرآمد جي لاءِ داخل درخواست تي فريقين کي نوٽيس جاري ڪندي واضح ڪيو آهي ته ڪنهن کي غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي، چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون ۽ دير ٿيڻ نه ڏينداسين. گذريل ڏينهن چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق جاري ڪيو جنهن تحت چونڊن ۾ خرچن جي حد مقرر ڪئي ويئي آهي ڇو ته عام شهري به چونڊن ۾ بطور اميدوار حصو وٺي سگهن جڏهن ته ان تي عمل نه ٿيڻ جي وجهه سان عام ماڻهو چونڊن ۾ حصو نٿا وٺي سگهن درخواست ۾ گهر ڪئي ويئي ته اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي ضابطئه اخلاق تي عمل درآمد کي يقيني بنائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ٻڌڻي دوران جسٽس ميان ثاقب نثار واضح ڪيو ته چونڊن ۾ دير ٿيڻ نه ڏينداسين، عام چونڊون پنهنجي وقت تي ٿينديون ۽ ڪنهن کي ڪنهن به غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي. عدالت ضابطه اخلاق تي عملدرآمد جي لاءِ درخواست تي فريقين کي نوٽيس جاري ڪندي ان کان جواب طلب ڪري ورتو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *