ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ڀٽوازم جو قلعو آهي، جنهن هر رنگ، نسل ۽ مذهب جي ماڻهن کي هڪٻئي سان جوڙي رکيو آهي. هن اعلان ڪيو ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ هو مخالفن کي سنڌ مان ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا. پ پ پ چيئرمين چيو ته سندس پارٽي چئني صوبن مان وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي وفاق سميت چئني صوبن ۾ حڪومت ٺاهيندي. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ پ پارليامينٽيرينز جي سربراهه آصف علي زرداري پارليامينٽري بورڊ جي گڏيل صدارت ڪئي، جنهن پاران ايندڙ عام چونڊن لاءِ سکر، ميرپو رخاص ۽ شهيد بينظير آباد جي مختلف سيٽن لاءِ خواهشمند سوين اميدوارن کان انٽرويو ورتا ويا. بورڊ جي ٻين ميمبرن ۾ پ پ پ ويمن ونگ جي مرڪزي صدر ايم اين اي فريال ٽالپر، سينيٽر شيري رحمان، سيد قائم علي شاهه، سيد خورشيد احمد شاهه، مراد علي شاهه، نويد قمر، نثار احمد کهڙو، وقار مهدي ۽ شگفته جماڻي پڻ موجود هئا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهي سمورا ميمبر جن پارٽي ٽڪيٽن لاءِ درخواستون ڏنيون آهن، اهي قابل احترام آهن ۽ پارليامينٽري بورڊ پاران پارٽي جو مجموعي مفاد، زميني حقيقتون ۽ سياسي توڙي اليڪشن حڪمت عملي کي سامهون رکندي فيصلا ڪيا ويندا.0630