چونڊن ۾ دير برداشت نه ڪبي، مسئلن جي حل لاءِ سول ڳالهيون ضروري آهن؛شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته  صاف ۽ شاف چونڊون ملڪ جي اهم ضرورت آهن، پاڪستان جي مسئلن جي حل لاءِ سول ڳالهيون ضروري آهن. قومي اسيمبلي جي الوداعي سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ٻيو ڀيرو اسيمبلي پنهنجو مدو پوري ڪري رهي آهي، خورشيد شاهه مخالف ڌر جي اڳواڻ طور مثالي خدمتون سر انجام ڏنيون آهن، هن هميشه جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي ڳالهه ڪئي آهي، سموري مخالف ڌر جو ٿورائتو آهيان.  هن چيو ته ايوان ۾ جڏهن ضرورت پئي اتفاق نظر آيو،  ٻن مهينن اندر چونڊون ٿينديون پر سمورن سياسي پارٽين فاٽا معاملي کي سنجيده ورتو، فاٽا معاملي تي اتفاق  قائم ٿيو، اتفاق راءِ سبب جمهوريت ۽ پارليامينٽ مضبوط آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪا حڪومت مدو پورو ڪندي آهي تنهن جي ڪارڪردگي عوام سامهون هوندي آهي، 2013ع ۾ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب هئي پر اڄ سڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال 2013ع جي مقابلي ۾ بهتر آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته سول ۽ فوجي قيادت گڏجي ملڪ ۾ امن قائم ڪيو،  اسان جي فوج اهڙي هنڌ دشمن کي شڪست ڏني جتي سموري دنيا جي فوج شڪست نه ڏئي سگهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ رڳو اسٽريٽ ڪرائيم باقي آهي، شهر جون حالتون اهڙيون آهن جيئن ڪنهن وڏي شهر جون هئڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته  2013ع جي مقابلي ۾ ملڪ جي معيشت گهڻي بهتر آهي، اڄ جون حالتون پنجن سالن جي ڀيٽ ۾ گهڻيون بهتر آهن، جيڪا معيشت ايندر حڪومت کي ڏئي وينداسين اها ان معيشت کان بهتر هوندي جيڪا اسان کي ملي، پاڪستان ۾ معيشت مضبوط ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته  پاڪستان ۾ ماڻهو سيڙڪاري ڪري رهيا آهن، پرڏيهي سيڙپڪاري سبب معيشت ۾ بهتري آئي، ملڪ جون معاشي پاليسيون سياسي پاليسين سان جڙيل آهن، ملڪ ۾ بجلي جو بحران هو جنهن تي ضابطو آندو ويو آهي. هن چيو ته  ايندڙ 15 سالن ۾ به ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ پيدا نه ٿيندي، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ڪوئلي جا منصوبا اسان آندا، پاڪستان ۾ هر صارف کي پنهنجي ضرورت موجب گئس ملي رهي آهي، پاڪ ايران گئس پائيپ لائين پابندين جو شڪار آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تي ڪو به ڇيهو رسڻ نه ڏنو آهي، ڪشمير مسئلو اسان هر فورم تي اٿاريو، افغانستان جي مسئلي تي دنيا اسان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته چونڊن ۾ هڪ ڏينهن جي دير به برداشت نه ڪئي ويندي، صاف ۽ شفاف چونڊون ملڪ جي اهم ضرورت آهن، پاڪستان جي مسئلن جي حل لاءِ سول ڳالهيون ضروري آهن، مسئلن جي حل لاءِ نيشنل ڊائيلاگ جي ضرورت آهي، گئس ۽ بجلي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ به نيشنل ڊائيلاگ ڪيو وڃي. هن چيو ته نيب جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي تنهن تي سرڪاري آفيسرن لاءِ بهتر آپشن اهو آهي ته هو ڪو فيصلو نه ڪن، وقت ۽ حالتن موجب ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا آهنئ

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *