چونڊن ۾ اڳڪٿين تي ٻڌل رپورٽنگ نه ٿيندي: ميڊيا لاءِ ظابطه اخلاق جاري

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ايندڙ عام چونڊن جي موقعي ته ميڊيا لاءِ  ظابطه اخلاق ۽ گائيڊ لائنز جاري ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جي ظابطه اخلاق موجب ميديا چونڊن دوران عوام کي درست آگاهي فراهم ڪرڻ جي پابند هوندي. ظابطه اخلاق ۾ پابند ڪيو ويو آهي ته ميڊيا عوام کي سياسي جماعتن، اميدوارن، چونڊ مهم ۽ ووٽنگ کان آگاهه ڪندو جڏهن ميڊيا متوازن ۽ غير جانبدار رپورٽنگ جو پابند هوندو، ٽاڪ شوز، نيوز ۽ ڪرنٽ افيئر پروگرامن ۾ ڪنهن اميدوار يا جماعت سان متعصباڻو رويو نه رکيو ويندو. ظابطه اخلاق ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته اميدوار يا جماعت جي مخالفت يا جانبداري جا پروگرام نشر نه ٿي سگهندا. اليڪشن ڪميشن موجب افواهن ۽ اڳڪٿين تي ٻڌل رپورٽنگ نه ڪئي ويندي، چڙ ڏياريندڙ تقريرن ۽ عوام ۾ بي چيني پيدا ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ظابطه اخلاق ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ميڊيا برداشت کي فروغ ڏيڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندو ۽ ڪنهن مذهب، عقيدي، ذات کي نشانو بڻائڻ بابت مواد شائع يا نشر نه ڪندو. اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل ظابطه اخلاق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميڊيا جي خلاف پُرتششد ڪاروائين، ڊريڄارڻ ڌمڪائڻ ۽ ڪنهن کي نقصان پهچائڻ تي اختياريون مڪمل جاچ جون پابند هونديون، جڏهن ته اميدوار، سياسي جماعتون ۽ حڪومتي اختياريون ميڊيا جي اظهار جي آزادي واري حق جو احترام ڪنديون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *