نيو يارڪ (رضا رومي) ماهرن نيٺ طئي ڪيو آهي ته اسان کي ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ جي ضرورت آهي. ان لاءِ يونيورسٽين کي به شامل ڪيو ويندو. ان ڏس ۾ واپاري اڳواڻ ۽ ماهر، ناصرعلي شاهه بخاري فارمنگ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ فيصل آباد جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بائيو ٽيڪنالاجي ۽ جينيٽڪ انجنيئرنگ ۾ تحقيق ڪندڙ واحد خانگي ڪارپوريٽ شخصيت آهي، هو گرين ڪارپوريٽ انيشيئٽو پرائيويٽ لميٽڊ ۾ بورڊ ميمبر آهي، اهو ايس آءِ ايف سي ۾ هڪ منصوبو آهي. سندس چوڻ آهي ته چولستان ۾ ايس آءِ ايف سي تحت چولستان ۾ لکين ايڪڙ زمين کي زراعت لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ ايڪڙ زمين آهي جنهن کي آباد ڪري سگهجي ٿو جن ۾ بلوچستان، پنجاب ۽ سنڌ جا رڻ آهن. فوڊ سڪيورٽي طور اهو ايس آءِ ايف سي ۾ شامل ڪيو ويو هو. ائين ٿي رهيو هو ته هارين وٽ اها سگهه نه هئي ته هو لاڳت ڪري سگهي پوءِ اهو فيصلو ٿيو ته ڪارپوريٽ شعبي کي ان ۾ شامل ڪيو وڃي جيڪو سڄي دنيا ۾ ٿئي ٿو. هڪ لک 99 هزار ايڪڙ زمين کي حاصل ڪيو ويو آهي، ماڻهن ان تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، هڪ لک ايڪڙ زمين کي هموار ڪيو ويو آهي، پوکي جوڳو بڻايو ويو آهي، کين جر جو پاڻي هن وقت ڏنو پيو وڃي جيڪڏهن پاڻي ملندو ته انهن سيڙپڪارن جي دلچسپي وڌندي. پاڻي جي استعمال لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪيو پيو وڃي جنهن کي متعارف ڪرايو ويندو. اهڙي فارمنگ نه ڪئي ويندي جنهن ۾ کليل ڪئنال مان پاڻي ڏنو ويندو آهي. پاڪستان ترن جي پيداوار ۾ پاڪستان ٽئين نمبر تي اچي ويو، ۽ لائيو اسٽاڪ ۾ به 1 بلين ڊالر جي ايڪسپورٽ ليول تي اچي ويا آهيون. 50 هزار ايڪڙ جو اسپيشل زون تيار ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ جانورن کي ڪورنٽائن ڪري انهن جي پيداوار ڪري سگهندا. چين کي جنهن ۾ دلچسپي آهي اها شروعاتي هڪ بلين ڊالر گوشت جي آهي جيڪا 5 بلين ڊالر تائين وڃي سگهي ٿي. لائيو اسٽاڪ جو شعبو تيار ڪيو ويو آهي. هڪ نئين ٻج پاليسي تحت معيار کي آندو پيو وڃي. اهڙيون آڇون اچي رهيون آهن ته مون کي 5 هزار ايڪڙ تي يا 10 هزار تي انب لڳائڻا آهن، ٽيڪنالاجي جي مدد سان انهن جي پيداوار هاڻوڪي پيداوار کان 4 ڀيرا وڌيڪ پيداوار هوندي. اهي سيڙپڪار دنيا جا وڏا سيڙپڪار آهن. اها غلط فهمي آهي ته ان لاءِ ڪئنال سنڌو درياهه مان اچي رهيا آهن، اهي ڪئنال ستلج مان اچي رهيا آهن جيڪي 1960 ۾ ڀارت ۾ ستلج هليو ويو. ٻوڏ ايندي آهي ته ستلج ۾ پاڻي ڀارت ڇڏيندو آهي ۽ هيڊ سليمانڪي ذريعي پاڻي پاڪستان ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. هيڊ سليمانڪي مان 2 ڪئنال ڪڍيا ويندا، ان جو سنڌ سان ڪو واسطو ناهي. اهو پاڻي رڳو چولستان ۾ قديم درياهه جي نظام کي ريچارج ڪندو جنهن سان پاڻي جي سطح وڌائي ويندي. هن وقت پاڻي رڳو برسات سان ڀرجي سگهندو آهي. جڏهن اهو ڀرجندو ته سولر پمپ هڻي پاڻي کي ڪڍيو ويندو ۽ جديد ٽيڪانالاجي ذريعي استعمال ڪيو ويندو. اهو پاڻي سڄو سال نه ملي سگهندو. جڏهن برسات يا ٻوڏ اچي ٿي ته ٻن کان ٽن سالن تائين پاڻي ملي ويندو آهي. چولستان ۾ قديم هاڪڙا درياهه هوندو هو جنهن کي ڀريو ويندو. ڪوه سليمان ڊي جي خان لاءِ، هيڊ سليمانڪي تونسا تي آهي جتان ڪئنال نڪري ٿو. کچي ڪئنال بلوچستان ويندو خضدار تائين. ٻيو ڪئنال چشما جو ڪي پي ڪي ۾ وڃي ٿو. ٽيون ڪئنال سنڌو درياهه مان ٿر ۾ آندو ويندو. اهي ٽي آهن جيڪي سنڌ تي آهن. هيڊ سليمانڪي وٽ پاڻي گڏ ڪيو ويندو آهي. سعودي عرب لوسڻ يا چاري لاءِ 4 ملين ٽن تيل ڏيڻ چاهي ٿو، ان کي تجرباتي طور هن سال هڪ لک ٽن ايڪسپورٽ ڪيو ويندو. سٺا سياستدان نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جهڙن ادارن جي ڪري ڪم نه ڪري سگهندا هئا جنهن جي ڪري ايس آءِ ايف سي جهڙن ادارن کي ڪم ڪرڻو پيو. انهن کان جان بچيل رهندي ته ڪم ٿيندو.