ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته هن قوم کي 22 سال عمران خان پنهنجو پيغام ڏنو آهي، عمران خان ڪنهن به چور دروازي کان داخل نه ٿيو آهي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، اهڙو اظهار سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج ۾ منعقد ٿيل سالياني تقريري مقابلي جي تقريب بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. گورنر سنڌ عمران اسماعيل وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان جي مرضي آهي جهڙا به بيان ڏي، پھرين ڌرڻا لڳندا هئا ته اهي ئي چوندا ها ته ملڪ دشمن قوتون آهن، اڄ ساڳيون جماعتون احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ وڃن پيون، هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي هن وقت تائين اهو سمجهه ۾ نه آيو آهي ته ڌرڻو ڇا جي لاءِ پيو لڳي. جيڪڏهن هي اقتدار جي جنگ آهي ته هنن کي پنج سال انتظار ڪرڻو پوندو. هي سڀ ٻاراڻايون حرڪتون آهن مولانا هڪ ڏنڊا بردار فوج جي صورت ۾ ماڻهون تيار ڪري رهيو آهي جنهن سان دنيا ۾ غلط پيغام وڃي رهيو آهي، هن چيو ته مولانا سان منهنجي درخواست آهي ته هو ڌرڻي واري فيصلي تي ٻهر نظر ثاني ڪري.